ڪراچي

10 جون تي پيش ٿيندڙ سنڌ بجيٽ ۾ 10 کان 15 ارب خسارو،هن دفعي به ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ خاص پئڪيج

Sindh Assemblyڪراچي(م ڊ) سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ 10 جون تي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ زرعي آمدني ٽي ٽئڪس هئڻ بابت اڃا تائين حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، نئين مالي سال جي سنڌ بجيٽ ۾ پگهارن، الائونسز ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌاروڪيو ويندو،جڏهن ته سنڌ ۾ ينگ ڊاڪٽرز جي پگهارن م 6 کان 8 هزار روپيا واڌارو ڪيو ويو آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 10 کان 15 ارب روپين جو خسارو متوقع آهي، جڏهن ته بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو خاص پئڪيج رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان 45 ڪروڙ روپين جو منصوبو ۽ نوان گهر تعمير ڪرڻ لاءِ پڻ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ جو منصوبو شامل آهي، سنڌ جي ناڻي کاتي جي ذميوار ذريعن موجب نئين مالي سال جي سنڌ بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽئڪس نه هنيو ويندو۽ نه جنرل سيلز ٽيڪس جي صوبائي وصولي جو اعلان ٿيندو، سنڌ بجيٽ ۾ صوبي کي منتقل ٿيندڙ سرڪاري کاتن لاءِ رقمن جو اعلان متوقع آهي، تن ۾ آرڪيالاجي، تعليم، صحت، ثقافت، سماجي ڀلائي سميت ٻين کاتن جي رقمن ۾واڌارو ڪيو ويو آهي، نئين مالي سال جي سنڌ بجيٽ ۾ هن ڀيري به ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج رکيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button