ٻارن جي دنياڪھاڻيون

ناني امان قسط 3

ليکڪ مقصوديٰ سولنگي
اسان جو ناناڻو ڳوٺ سهڙا شاخ جي بند جي بلڪل هيٺان آباد هيو، جنهن ۾ تقريبن 4 يا 5 سئو گهر آباد هيا. ماڻهن جو گزر سفر مال متاح تي ٿيندو هيو، سڀ ڪنهن کي اباڻيون ٿوريون Nani Amanگهڻيون ٻنيون هيون. درياه تان مڇي هر ڪوئي ماريندو هيو، ماکي، مکڻ جام هوندا هيا. ماڻهو سٺو کائيندا ۽ سٺو پائيندا هيا.واهن جون کو ٽايون ٿينديون هيون ته دهل سان ماڻهون شريڪ ٿيندا هيا، ڪوشش ڪري هر ڪو ڪوڏر کڻي ڪوٽائيءَ ۾ جنبي ويندو هيو.اهڙي ريت گڏجي سڏجي ڪم ڪرڻ کي ’’ونگار” سڏيندا آهن.ڪڏهن ان جو برجستو، باقائده سڏ ڏنوويندوهيو، پر عام طور تي هر ڪو فرض سمجهي اهڙن ڪمن ۾ شرڪت ڪندو هيو. اهو ان ڪري ڪيو ويندو هيو جو سڀڪو ايئن سمجهندو هيو ته سڀاڻي اسان تي به ڪا مهل يعني برو وقت يا مدد جي ضرورت پوي ته هرڪواسان وٽ به هلي اچي، تڏهن سنڌ جا ڳوٺ اهڙا خوشحال هيا.
ناني امان جي صبح 3 بجي کان اڳ ٿيندي هئي، سڀني کان اڳ اٿي جنڊ جوٽيندي هئي. ان کان پوءِ مينهون ڏهندي، لسي ولوڙيندي، ماني پچائيندي، گهر جي صفائي ڪندي، مال جو وٿاڻ صاف ڪندي، نماز پڙهندي ۽ دئور ڪندي، ايستائين مال جو ڌڻ ڇڙي ويندو هيو، نانو مال سان جهنگ هليو ويندوهيو.جيستائين ٻيا ڳوٺ وارا اٿندا هيا تيستائين ناني امان جي منجهند ٿي ويندي هئي.
ناني امان جو هلٽ ڳوٺ ۾ مشهور هيو.اسان ناني امان کان ڪهاڻيون يا انبيائن جا قصا رات جو ٻڌندا هيا سين .چانڊوڪين راتين ۾ جڏهن اڳڻ تي کلي ٿڌڙي هيرلڳندي هئي.ڪهاڻيون ٻڌندي ٻڌندي ننڊ اچي ويندي هئي.
هڪ دفعي ڳوٺ ۾ هاڙ جا ڏينهن هيا، درياءَ تي چاڙه هيو۽ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو بند تي چوڪيون قائم ڪيون ويون هيون.چوڪين جو هڪ مقصد تي اهو هيو ته ڪٿي به گهارو پوي ته بروقت ان جي مرمت ڪئي وڃي، ٻيو ڳوٺ جا نوجوان ۽ ٻار پاڻي جي ويجهو نه وڃن ۽ ڪنهن به مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد لاءِ اتي ڪو نه ڪو هجي. پر ڳوٺ ۾ ڄڻ ته بهار اچي وئي هئي. مڇي، ڦاڙهن ۽ ٻين جانورن جو جو شڪار وڌي ويندو هيو.ان کان سواءِ نانگ ۽ بلائون به تمام گهڻيون وڌي وينديون هيون. ڳوٺ جي آسپاس پري پري کان ماڻهون چانڊوڪين راتين جي رهاڻ ڪرڻ بند تي ايندا هئا،سگهڙن جي محفل مچندي هئي، راڳ ڳايا ويندا هيا، ڄڻ ته ڪو ڪاج ٿو هل. بوڻيندا ۽ چنگ چوريا ويندا هئا. اهو لڪاءُ سڄي سڄي رات هلندو هيو. ان جو مقصد چوڪيداري ته هيو پر رهاڻ رچائڻ به وڏو مقصد هيو. ماڻحن کي انتظار هوندو هيو ته ڪڏهن ٿا اهي ڏينهن اچن. اسان به اهڙن ڏينهن ۾ ناني امان وارن ڏانهن ويندا هيا سين. رات جي پوئين پهر هر گهر جو هڪ فرد ياد گيري سان گهر جي ماين ڪي ساڻ ڪري چانڊوڪين راتين ۾ بند جو منظر ڏسڻ ويندا هيا، اهي راتيون اڄ به ياد آهن اسان ٻار هوندي به انهن منظرن جي کيري مان نڪري نه سگهندا هيا سين دل چوندي هئي ته رڳو پيو ماڻهون چنڊ ۽ چاندوڪي جو درياه ۾ جهرمر ڪندڙ منظر ڏسي، اهو منظر ڏسي اکيون کيريون ٿي وينديون.
اهڙن موقعن تي به جڏهن نانو ماسترايندو هيو ته ساڻ ڪئين مهمان هوندا ئي هيس. هن دفعي به لاڳيتو ڪم ڪرڻ جي ڪري ناني شاه خاتون ٿڪل هئي. زالون ۽ مرد ڪمن سان لڳا پيا هيا،ماني تيار هئي بس ان انتظار ۾ هيون ته ڇوڪرا اچن ۽ ماني کڻي وڃن، ناني شاه خاتون ٿڪجي پئي هئي، کٽ تي ويٺي ويٺي ننڍ کنيون ٿي ويس،ماني ٺهي ٿانون ۾ وڌل ڪن ۾ چانور ته هن ۾ انب ڪن ۾ سبزي ته ڪن ۾ ٻوڙ، ڍڪر(جهوٽي) ۾ هئي ته ڇوڪرا ماني کڻڻ آيا، انهن مان ڪي ٿانون ماني جا کڻي سگهيا ڪي ٻئي واري لاءِ رکي ويا. ناني کي ڍڪر اچي ويو، ان دئوران ڪتو اچي ڪڻڪڻ لڳو ناني پهريان ته گهڻي هڪل ڪئي پر جڏهن ڪتي بس نه ڪئي ته نانيءَ ننڍ ئي ننڊ ۾ انبن جي ڪستي ڪتي جي اڳيان اڇلائي ڪستي واپس کٽ تي رکي وري ڍڪر ۾ هلي وئي. ٻاهران جو انب کڻڻ آيا ته ڏسن ته ڪستي ته خالي پئي آهي.هيٺ جو ڏسن ته تازا ڪٽيل انب زمين تي پيا آهن ڪتي سنگهيا به ڪون. ڪتي جي نظر ماني يا چانورن تي هئي.ناني کي جو اٿارين ته هوش ايندي ئي چيائين ”اڙي مٺيس اهوظلم ڪنهن ڪيو….” نانيءَ جي ويسر جي حد اها هئي ته هڪ ويٺي چيائين خداءِ خداءِ خداءِ…….. ڪنهن اچي پڇيس ماسي اهو ڇا ٿي پئي چوين چي امان ذڪر پئي ڪيان پر لائي ڇو ڄڻ ته ساءُ ئي نه ٿو ڏئي. ان چيس ماسي ذڪر ٿي ڪرين ته الله هو الله هو ڪر نه… اها ڳاله ٻڌي پاڻ ئي کل ۾ ويڙجي وئي. (جاري آهي)

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو