ٻارن جي دنياڪھاڻيون

اسان جي ناني امان

ليکڪ مقصوديٰ سولنگي
اسان جي نانيءَ جي هڪ ٻي عا دت هوندي هئي، جيڪا کين سڀني کان الڳ ڪندي هئي، ناني امان روز ڊائري لکندي هئي ۽ اخبار به پابندي سان پڙهندي هئي. ڳو‎ٺ ۽ آس پاس جا اهم وا قعا، سياست جا اهم واقعا۽ گهرن ۾ ٻارن جي ڄم کان آسپاس شادين برادين جون تاريخون انهن وٽ ٽائيم سميت لکيل هونديون هيون. ناني امان اسان لاءِ ننڍپڻ ۾ عجوبو انهن ڳالهين جي ڪري به grandmotherهئي. جو ٻيون عورتون ايئن نه هيون. بلڪه سندن ڀينر به انهن کان مختلف هيون.ناني امان جي هڪ ڀيڻ سندس جيڪا سندن پاڙي ۾ رهندي هئي انهن جي نالو “ناني شاه خاتون” هيو،ناني شاه خاتون کي ويسر جي تمام گهڻي عادت هئي ڳالھه ڪري اتي جو اتي وسري ويندي هئن. ناني امان جو ڪٽنب وڏو هيو،پر ناني شاه خاتون وٽ سدائين ماڻهن جي اڻاٺ، سندن گهر واروپرائمري ماستر۽ زميندار هيو،شاعر، اديب، ڏاهو، سخي، ڄاڻو ۽ گهمڻ جو شوقين هوندو هيو. تر ۾ ماڻهون سندن ڏاهپ ۽ سخاوت جا گرويده هئا.نانو ماستر اڪثر سنڌ کان ٻاهر ڪنهن نه ڪنهن دوري تي هوندو هيو، جڏهن واپس ايندو هيو ته اٺ ڏهه ٻين صوبن جا ماڻهون ساڻن گڏ هوندا هيا انهن جون مهمانيون به گڏجي سڏجي ڪنديون هيون، ناني ماستر جي گهر جي مهماني به مشهور هوندي هئي. کين الله سائين سڪي پني هڪ پٽ ڏنو سو به دادلو، ڪم ڪار لاءِ ڪئين نوڪر، ڌنار،هاري هوندا هين پر، انهن مان ڪم ڪڍڻ به وڏو مسئلو هوندو هيو. سو ناني شاه خاتون جو ٻيو وڏو سهارو ناني امان جو گهر هوندو هيو. جڏهن به ڪا کوٽ ٿيندي هين ته ناني امان پاڻ ئي پوٽن يا پٽن کي چئي ڪم ڪرائي ڏيندي هئن. پرڪاٺي ڪلي پاڻ به کڻي ويندي هئي
هڪ دفعي ناني شاه خاتون جي گهر ۾ ڪاٺين جي اچي اڻاٺ ٿي ڌنار ڪاٺيون نه ڪيون، سوجڏهن شام جو اونده ٿي ته شام جوويلو ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون گهرڻ جڏهن ناني امان جي گهر پهتي ته نانو گهر ويٺو هيو. ناني امان به انهن سان ويٺي هئي.ناني جي کٽ جي ٿورو پري، پويان ڪاٺيون پيل هيون، ناني جي پٺي ڪاٺين ڏانه هئي. ناني شاه خاتون سوچيو تي جهليندا ته هونئي ڪونه پر روز روز مان به کين تنگ ڪيو آهي، اهو سوچيندي نظر ناني ۽ ناني ۾ پٺيان ڪاٺي پئي کنيئن ته اوچتو نانا جي ڪتي جي ٽنگ ۾ هٿ وجهي جو کنيئين ته ڪتي وٺي باهوڙ ڪئي. ڪئون ڪئون ڪئون…. سڀ اوڏانهن ڀڳاآيا، ته ڪتي کي الائي ڇا ٿيو. ناني شاه خاتون به ڪتي کي کڻي ڇڏيو. ناني امان چيس ادي! ڪتي کي ڇو جهليو هيئي ۽ نماشان مهل هتي خير ته آهي نه!!؟؟
چيائين ادي ڪا ٺيون پي کتيون مون لڪي پئي کنيون سو ڪتي جي ٽنگ ۾ هٿ پئجي ويم. بس مون چيو ته توهان کي به روز اچي ٿي تنگ ڪيان. ناني شاه خاتون جي ڳالھه ٻڌي سڀني کان ٽهڪ نڪري ويا…… (جاري آهي )

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو