گھرج ۽ پھچ
ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
پاڪستان ۾ پيٽرول جو ھاڻوڪو بحران ٽن سببن جي ڪري سامھون آيو ھو، ھاڻي ان بحران تي ضابطو آندو ويو آھي ۽ گذريل ٽن ھفتن جي دوران 58 ھزار ٽن پيٽرول پاڪستان پھچي چڪو آھي. پيٽرول جي کوٽ جي سببن جو تجزيو ڪيو وڃي تھ ھڪ ڳالھھ واضح طور تي سامھون اچي ٿي تھ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز قانونن تحت پيٽروليم مصنوعات جا .2 ڏينھن جا ذخيرا نھ رکيا ھئا. پيٽروليم جي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جڏھن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز جي طرفان رولز ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس ورتو تھ اھا حقيقت سامھون آئي تھ ڪيترين ئي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين .2 ڏينھن جا ذخيرا نھ رکيا ھئا، وزارت جي حڪمن تي آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پنج ڪمپنين کي پھرين اظھار وجوھھ جا نوٽيس ڏنا پوءِ انھن جا لائسنس روڪيا ويا کين 6 مھينن جي مھلت ڏني وئي آھي تھ اھي مقرر ٿيل عرصي ۾ پيٽروليم مصنوعات جون سھولتون تعمير ڪري وٺن، مستقبل ۾ جڏھن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون .2 ڏينھن جا ذخيرا رکنديون تھ پوري ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن جا امڪان ختم ٿي ويندا. پيٽرول جي کوٽ جو ٻيو سبب اٽڪ آئل ريفائنري جي پلانٽ جي خرابي ھئي ۽ ان سان گڏوگڏ پارڪو ۽ نيشنل آئل ريفائنري مان بھ پيٽرول جي پيداوار تقريبن بند ٿي وئي، اٽڪ آئل ريفائنري مان خاص ڪري پنجاب کي پيٽرول فراھم ڪيو وڃي ٿو، ان جي پلانٽ جي خرابي سان پنجاب ۾ گھرج ۽ پھچ جو عدم توازن پيدا ٿيو. بحران جو ٽيون سبب پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي جو خاتمو آھي، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز ۽ پيٽروليم ڊيلر حڪومتي سبسڊي جي ڪري پيٽروليم مصنوعات تي 2 کان 4 رپين جي سبسڊي حاصل ڪن پيا ان سبسڊي جي خاتمي سان آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز ۽ پيٽروليم ڊيلرز جي منعافي ۾ گھٽتائي ٿي پر صارفين کي رليف مليو، ان جي ڪري بھ پيٽرول جي درآمد ۽ صارفين کي فراھمي ۾ مسئلا پيدا ڪيا ويا پر پوءِ ھاڻي اھو بحران حل ڪيو ويو آھي ۽ مستقبل ۾ ان جو ورجا/ نھ ٿيڻ جو بندوبست بھ ڪيو ويو آھي. پيٽروليم جي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين قومي اسيمبلي ۾ پيٽروليم وزارت جي مطالبات زر تي آپوزيشن جي ڪٽوتي جي تحريڪن تي ٿيندڙ شديد تنقيد جو جامع جواب ڏيندي ٻڌايو تھ ماضي ۾ پاڪ ايران پائپ لائن منصوبي کي غير ملڪي دٻا* تي روڪيو ويو ھو، پاڪستان جي مستقبل جي ضرورتن کي نظرانداز ڪندي صرف پنھنجي حڪومت جي تسلسل کي ترجيح ڏني وئي پر موجودھ حڪومت مختصر عرصي ۾ ان منصوبي تي تيزي سان پيشرفت ڪئي آھي ۽ ايران سان گئس سيل پرچيز جو معاھدو ٿي چڪو آھي، پائپ لائن جي ڊيزائننگ جي لاءِ بھ سروي جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي، ان منصوبي ۾ 6 کان 8 مھينن جي دير تھ ٿي سگھي ٿي، پر آئيندھھ ٽن سالن ۾ ان منصوبي مان گئس جي پيدوار شروع ٿي ويندي. جنھن سان نھ صرف چار ھزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگھبي پر درآمدي گئس مان صنعتن جو ڦيٿو بھ ھلائي سگھبو.
آپوزيشن جي طرفان ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان گئس پائپ لائن منصوبي کي بھ تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ھو، پيٽروليم وزير ان تنقيد جو مثبت جواب ڏيندي ٻڌايو تھ ترڪمانستان گئس پائپ لائن منصوبي جي گئس سيل پرچيز جو معاھدو آئيندھھ مھيني ٿي ويندو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ان منصوبي جي لاءِ .5 ڪروڙ ڊالر فراھم ڪري رھي آھي ۽ ھون* بھ اھو منصوبو خطي جي سمورن ملڪن جي لاءِ يڪسان طور تي فائديمند آھي. ان منصوبي ۾ ڀارت بھ ھڪ ڌُر آھي جڏھن تھ چين بھ ان منصوبي مان گئس حاصل ڪرڻ چاھي ٿو، ان پائپ لائن جي تڪميل افغانستان جي حالتن تي دارومدار رکي ٿي، جيستائين افغانستان ۾ امن قائم نھ ٿو ٿئي، دھشتگردي جو خاتمو نھ ٿو ٿئي گئس پائپ لائن جي سيڪيورٽي ھڪ سواليا نشان بڻي رھندي. منصوبي جي ٽيڪنيڪل تفصيل ۽ جزويات تھ طئي ڪئي وئي آھي، فنڊز جو بندوبست بھ ڪيو ويندو پر افغانستان ۾ امن جو قيام عالمي طاقتن جي ھٿ ۾ آھي، آپوزيشن ميمبر ان ڳالھھ کان چٽي ريت واقف آھن تھ جيستائين افغانستان ۾ امن قائم نھ ٿيندو اھو منصوبو مڪمل نھ ٿو ٿي سگھي. ان لاءِ ترڪمانستان پائپ لائن منصوبي تي نون ليگ جي تنقيد جو ڪوبھ جواز موجود نھ آھي. توانائي جي گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن جي خاتمي جي لاءِ حڪومت ايل اين جي جي درآمد جي منصوبي تي بھ تيزي سان عمل ڪري رھي آھي ۽ آئيندھھ سال ايل اين جي جي منصوبي سان ..5 ايم ايم سي ايف ڊي گئس جي فراھمي شروع ٿي ويندي. بلوچستان ۾ گئس جي نَوَن ذخيرن جي ڳولا جو ڪم تيزي سان جاري آھي، جن علائقن ۾ صورتحال بھتر آھي، اتي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنيون وڏي سيڙپ ڪري رھيون آھن، جڏھن تھ ٻين علائقن ۾ بھ امن امان واري صورتحال تيزي سان صحيح ڪئي پئي وڃي ۽ آئيندھھ ڪجھھ مھينن ۾ پوري بلوچستان ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جو ڪم وڏي پئماني تي شروع ٿي ويندو. پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواھھ ۾ پھرين ئي ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدار تيل ۽ گئس جي ڳولا جو عمل جاري رکيون ويٺا آھن، پر پوءِ ھڪ ٻي حقيقت اھا آھي تھ پاڪستان جي آبادي ۾ تيزي سان واڌ ٿي رھي آھي، ان سان گڏوگڏ ھر سال گئس جي فراھمي جا لکين نوان تجارتي، صنعتي ۽ گھريلو ڪنيڪشن فراھم ڪيا پيا وڃن. گئس جا اڳوڻا ذخيرا تيزي سان گھٽجي رھيا آھن، جڏھن تھ نوان ذخيرا گھرج جي ڀيٽ ۾ گھٽ آھن. ان جي لاءِ گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن حيرت انگيز نھ آھي…