گئس پائپ لائن منصوبا
ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
پاڪستان ۾ گئس جا موجودھھ ذخيرا تيزي سان گھٽجي رھيا آھن، جيتوڻيڪ گئس جا نوان ذخيرا بھ ڳوليا پيا وڃن پر تيزي سان وڌندڙ آبادي جي تناظر ۾ نوان دريافت ٿيندڙ گئس جا ذخيرا ضرورتن جي ڀيٽ ۾ ڪافي گھٽ آھن. حڪومت ھر سال لکين گھريلو، صنعتي ۽ تجارتي صارفين کي گئس جا نوان ڪنيڪشن ڏئي ٿي، جڏھن تھ ملڪ جي مختلف حصن ۾ گئس چوري جي واقعن ۾ بھ واڌ ٿي رھي آھي، قدرتي گئس الله تعاليٰ جو وافر مقدار ۾ قيمتي تحفو آھي پر ماضي جي حڪومتن ۾ انھن قدرتي ذخيرن جو بي دردي سان استعمال ڪيو ويو. قيمتي گئس کي پاڻي گرم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو ھو، پاڪستان ۾ گئس جون قيمتون پوري دنيا ۾ سڀ کان گھٽ ھيون، قدرتي گئس کي پيٽرول جي جاءِ تي استعمال ڪرڻ واري پاليسي بھ صحيح ثابت نھ ٿي، سي اين جي فيول متعارف ڪرائڻ سبب پوري ملڪ ۾ کُمڀين وانگر سي اين جي اسٽيشنون ڦُٽي پيون ۽ اھا گئس گاڏين ۾ بطور اينڌن استعمال ٿيڻ سان گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن وڌندو ويو، ھائيڊل پاور جي منصوبن جي بروقت تڪميل نھ ھئڻ سبب قدرتي گئس کي بجلي بڻائڻ جي لاءِ بھ استعمال ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو، جنھن سبب بحران جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ ملڪي تاريخ ۾ اھو پھريون موقعو آھي، تھ گرمي جي موسم ۾ بھ گئس جي لوڊ شيڊنگ ڪرڻي پئجي رھي آھي، گئس جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪ ايران گئس پائپ لائن منصوبو جوڙيو ويو ھو، ان منصوبي کي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي 9 سالا حڪومت ۾ بري طرح نظرانداز ڪيو ويو، غير ملڪي دٻاءَ تي منصوبي جي راھھ ۾ طرح طرح جا روڙا اٽڪايا ويا، پرپوءِ ھاڻي ايران پاڪ گئس پائپ لائن منصوبي تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي ۽ اميد ڪري سگھجي ٿي تھ آئيندھھ ٽن سالن جي دوران ان منصوبي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو. پاڪ ايران گئس پائپ لائن منصوبي کي .991ع ۾ محترمھ بينظير ڀٽو جي حڪومت شروع ڪيو ھُيو جنھن جي ذريعي ايران جي ڏاکڻي صوبي فارس جي گئس ذخيرن مان ايراني گئس کي گوادر لڳ پاڪ ايران سرحد تي پھچايو وڃڻو ھو، گئس جي پروسيسنگ جو عمل ايران ۾ ئي ٿيڻو آھي، جنھن کان پوءِ .511 ڪلو ميٽر گئس پائپ لائن ايراني سرزمين تي وڇائي ان کي پاڪستاني سرحدن تي پھچايو ويندو. ايران پنھنجي حصي جي ..9 ڪلو ميٽر 65 انچ گئس پائپ لائن مڪمل ڪري ورتي آھي، جڏھن تھ ..2 ڪلو ميٽر پائپ لائن مڪران ڪوسٽل ھاءِ وي لڳ وڇائي ويندي ۽ نوابشاھھ جي ويجھو ان کي پاڪستان سسٽم ۾ شامل ڪيو ويندو. پاڪستاني حصو 187 ڪلو ميٽر تي ٻڌل ھوندو.
ايران سان گئس سيل اينڊ پرچيز ايگريمينٽ ٿي چڪو آھي، اھو معاھدو ايران جي نيشنل آئل ڪمپني ۽ پاڪستان جي انٽر اسٽيٽ گئس سسٽم جي وچ ۾ ٿيو آھي. 8..2ع جي عام چونڊن کان پوءِ قائم ٿيل چونڊيل حڪومت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حڪومت جي اُبتڙ سموري غير ملڪي دٻاءَ کي ٿڏيندي 5 جون 9..2ع تي ايران سان اھو معاھدو ڪيو ھو. پاڪ ايران پائپ لائن منصوبي تحت پاڪستان کي روزانو .57 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ملڻي آھي، ان منصوبي تي ھڪ ارب 42 ڪروڙ ڊالر جي لاڳت صرف پاڪستاني حصي ۾ ايندي. صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ ايراني صدر احمدي نجاد 42 مئي 9..2ع تي انٽر گورنمينٽ فريم ورڪ ايگريمينٽ تي صحيحون ڪري چڪا آھن. جڏھن تھ 61 مارچ .1.2ع تي آپريشن ايگريمينٽ بھ ڪيو ويو آھي. 82 مئي .1.2ع تي حڪومت پاڪستان انٽر اسٽيٽ گئس ڪمپني جي چوڻ تي ان منصوبي جي لاءِ رياستي ضمانت بھ فراھم ڪري ڇڏي آھي، جڏھن تھ 31 جون .1.2ع کان گئس جي سيل پرچيز جو معاھدو بھ موثر ٿي ويندو. پاڪ ايران گئس پائپ لائن منصوبي تي جنگي بنيادن تي ڪم جاري آھي، پاڪستان ۾ جنھن علائقي مان اھا گئس پائپ لائن گذرندي اتان ايراضي جي حصول جو عمل تيزي سان جاري آھي. آگسٽ 21.2ع ۾ پاڪستان پائپ لائن جي تعمير جي بھ شروعات ڪندو ۽ ڊسمبر 41.2ع ۾ ان منصوبي مان گئس جي فراھمي شروع ٿي ويندي. منصوبي جي لاءِ درڪار فنڊز جي فراھمي جو بندوبست بھ ڪيو ويو آھي، پاڪستاني حڪومت 73 ڪروڙ ڊالر فراھم ڪندي، جڏھن تھ 78 ڪروڙ ڊالر جو قرض حاصل ڪيو ويندو. حڪومتي ادارا 91 ڪروڙ ڊالر فراھم ڪندا، جڏھن تھ ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدارن کي 81 ڪروڙ ڊالر جا شيئرز وڪرو لاءِ پيش ڪيا ويندا. 78 ڪروڙ ڊالر جو قرض عالمي مالياتي ادارن، بئنڪن مان حاصل ڪيو ويندو. قرض جو ھڪ وڏو حصو .1 کان 21 سالن جي ادائيگي جي پروگرام تي ٻڌل ھوندو. پاڪ ايران گئس پائپ لائن منصوبي جي تڪميل سان 4 ھزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو موقعو ملندو، جنھن سان ملڪ ۾ بجلي جي گھرج ۽ پھچ ۾ موجود عدم توازن ختم ٿي ويندو. گئس پائپ لائن منصوبي جي تعمير جي عمل سان روزگار جا بيشمار نوان موقعا بھ پيدا ٿيندا. ماضي ۾ جنھن بي دردي سان اھم قومي منصوبن کي غير ملڪي دٻاءَ تي روڪيو ويو ان جا اثر اڄ پوري قوم توانائي جي بحران جي شڪل ۾ ڀُڳتي رھي آھي، جيڪڏھن ان منصوبي کي بروقت مڪمل ڪيو وڃي ھا تھ اڄ پاڪستان توانائي جي گھر ج ۽ پھچ جي شديد عدم توازن جو شڪار نھ ھجي ھا. بجلي ۽ گئس جي لوڊ شيڊنگ مان شھرين کي نجات ملي وڃي ھا…