ڪراچي

ڪي اي ايس سي ملازمن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت

KESC1ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي اي ايس سي جي ملازمن ۽ اثاثن کي پوليس توڙي رينجر ذريعي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.جسٽس گلزار علي ۽ جسٽس شاهد انور باجوا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪي اي ايس سي پاران تحفظ لاءِ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت درخواست جي ٻڌڻي دوران صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته ڪي اي ايس سي جي سمورن بجلي گهرن، آفيسن ۽ عملي جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.عدالت احتجاج ڪندڙ ملازمن کي هدايت ڪئي ته ڪي اي ايس سي جي اثاثن کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button