ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، فوجي امداد عام ماڻهو لاءِ استعمال ڪرڻ جي سفارش، منفي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي:پاڪ فوج
راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني حڪومت کي فوجي امداد کي عام ماڻهو جي معيشت جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو وڃي، پاڪستان لاءِ عسڪري بجاءِ اقتصادي امداد وڌيڪ ضروري آهي، اتر وزيرستان ۾ آپريشن جي حوالي سان پاڪ فوج جامع سوچ ويچار ڪري رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه 139هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي صدارت ڪندي ڪيو، آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان موجب ڪور ڪمانڊرڪانفرنس ۾ اندروني سيڪيورٽي، دهشتگردي خلاف ڪارروائين جي معاملن، آمريڪا سان فوجي لاڳاپن، رابطن ۽ ميڊيا جي ڪردار تي به بريفنگ ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب آمريڪا سان لاڳاپن ۾ عوامي خواهشن کي نظر ۾ رکيو ويندو، ايبٽ آباد آپريشن ۽ پارلياماني قرارداد جي روشني ۾ آمريڪا سان لاڳاپن جو نئين سر جائزو ورتو ويندو، موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سموري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو، اجلاس ۾ چيو ويو ته قومي ادارن کي ورهائڻ جي ڪوشش قومي مفاد ۾ ناهي، ڪجهه حلقا پاڪ فوج کي هيٺاهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ادارن ۾ ويڇا وڌائڻ قومي مفادن ۾ ناهي، پاڪ فوج خلاف منفي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ ايبٽ آباد آپريشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ آمريڪي ڊرون حملن جي سخت مخالفت ڪئي وئي، ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته آمريڪي ڊرون حملا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، ان سان دهشتگردي خلاف جنگ تي منفي اثر پئجي رهيا آهن، حڪومت ڊرون حملن بابت مختلف قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ آمريڪي فوجي اهلڪارن جو تعداد گهٽايو ويو آهي. پاڪستان جي سرزمين تي ڪنهن به غير ملڪي انٽيليجنس ايجنسي کي اڪيلي سر آپريشن ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پاڪستان جي مستقبل کي محفوظ بڻايو ويندو، پاڪ فوج ملڪ کي پيش ايندڙ چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، عوام جو پاڪ فوج تي اعتماد آهي، ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن جي حوالي سان ڪو به دٻاءُ ناهي، اتر وزيرستان ۾ عسڪريت پسندن خلاف ڪارروائي قومي اتفاق راءِ سان ڪئي ويندي، آءِ ايس پي آر موجب ملڪ جي اندروني صورتحال اهم آهي، ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، آمريڪا کان ايف سي ۽ جديد هٿيارن جي تربيت لاءِ سهڪار طلب ناهي ڪيو، ايف سي ۽ نين هٿيارن جي سکيالاءِ سهڪار به ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو، آمريڪا پاران 13 کان 15 ارب ڊالر پاڪ فوج کي ڏيڻ جي ڳالهه غلط آهي، گذريل 10 سالن ۾ رڳو 1.4 ارب ڊالر مليا، پاڪ فوج جي فضائيه ۽ نيوي کي ان کان به گهٽ رقم ملي.آ