اسلام آباد
ڪلفٽن ۾ رينجرز هٿان نوجوان مارجڻ تي سڄي قوم کي ڳڻتي آهي، واقعي جي جاچ جي پاڻ نگراني ڪندس: گيلاني
اسلام آباد (اي پي پي): وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي ۾ رينجرز اهلڪارن هٿان نوجوان مارجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ذاتي طور تي ان معاملي تي ٿيندڙ جاچ جي نگراني ڪندو ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، تنهن هوندي به هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به قسم جي واقعي تي ردعمل جو اظهار اخلاق جي دائري اندر رهي ڪيو وڃي. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ رينجرز اهلڪارن هٿان نوجوان مارجڻ سڄي قوم جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي.