ڪراچي

ڪراچي ۾ رينجرس جي ھٿان ھڪ نوجوان قتل، وزير اعظم نوٽس وٺي ڇڏيو

Rangers killed boy
اسلام آباد/ ڪراچي: خروٽ آباد واقعي جي طرز تي ڪراچي ۾ به ھڪ نوجوان رينجرز جي ھٿان سر عام ماريو ويو، وارثن جي احتجاج ڪرڻ تي اھلڪارن جي خلاف مقدمو ته درج ڪيو ويو مگر پوليس جي حوالي نه ڪيو ويو. ڪراچي ۾ رينجرز جي ھٿان ھي واقعو ڪالھھ شام ڪلفٽن ويجھو بينظير ڀٽو شھيد جي نالي سان قائم پارڪ ۾ ٿيو. پوليس ان کي ڦورو قرار ڏئي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي. واقعي جي ويڊيو اچڻ کان پوءِ اصل حقيقت سامھون اچي ويئي. ويڊيو ۾ نوجوان کي اھلڪار وارن مان پڪڙي ڪري گاڏي طرف ڇڪيو وڃن ٿا ۽ ان دوران نوجوان کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو. نوجون پنھنجي جان بچائڻ ايلاز منٿون ڪري ٿو مگر عوام اختيارن جي نش ۾ ڌت اھلڪارن جديد ھٿيارن سان نوجوان تي گوليون ھلائن ٿا.شديد زخمي ٿيڻ جي باوجود به نوجوان کي جلد اسپتال نه موڪليو ويو پر جڏھن موڪليو ويو ته ان وقت ھو ابدي ننڊ سمھي چڪو ھو. انساني حقن جي وزارت واقعو جو نوٽس وٺندي سنڌ حڪومت کان تحقيقاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ھوڏانھن اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي ۾ اجلاس جي دوران وزير اعظم اعلان ڪيو آھي ته ھو ان واقعي کي خود ڏسندو، ان واقعي تي اسيمبلي ۾ ميمبرن احتجاج به ڪيو ۽ مذمت به ڪئي. ايم ڪيو ايم جي عبدالقادر خانزاده سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. پيپلز پارٽي جي صمام بخاري چيو ته رحمان ملڪ جو بيان غلط آھي ته نوجوان اھلڪارن کان گن کسي رھيو ھو.

ٻار ھي ويڊيو نه ڌسن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button