آرٽيڪل

ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا

رضوان گل
Tariq Alam Abro 21طارق عالم کي جيڪا شهرت ناول ”رهجي ويل منظر“ لکڻ تي ملي، سا سنڌ جي تمام گهٽ ناول نگارن جي حصي ۾ آئي آهي. پاڻ هڪ ورسٽائيل ڪهاڻيڪار ۽ خاص طور تي هائيڪي جي بهترين شاعر هجڻ کان علاوه رنگن ۽ لڪيرن سان راند ڪندڙ خوبصورت مصور پڻ هو.
سندس مصور هجڻ وارو حوالو ٿي سگھي ٿو ڪجهه ماڻهن لاءِ نئون به هجي. هتي اها ڳالهه غور لائق آهي ته طارق هڪ ئي وقت هيڏن سارن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب سندس شخصيت جا به ڪيترائي رخ آهن. ان حوالي سان ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو.
لاڙڪاڻي ۾ ٻه سال اڳ سندس جنم ڏينهن جي تقريب کانپوءِ جڏهن اسان گڏجي ويهي ڪچهري ڪئي هئي سين ته طارق ڪيترين ئي دلچسپ ڳالهين سان اسان کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو هو سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ يادون اڄ به تازيون آهن پر هاڻي اهي ٽهڪ سڏڪن ۾ تبديل ڪري طارق اسان کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي.
ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button