ٻارن جي دنياڏاھن جا ڏس

ڏاھن جا ڏس

books (640x260)• دولتمند تي حسد نه ڪريو، دولت جون لذتون فاني ۽ عارضي آھن (حضور اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم)
• جيڪو شخص ڪنھن جا عيب تلاش ڪرڻ ۾ رھندو آھي ته ان کي ڪوئي نه ڪوئي عيب ملي ئي ويندو آھي (حضرت علي عليه السلام)
• ڪوئي ڪمزور شخص اوھان جي بيعزتي ڪري ته ان کي معاف ڪري ڇڏيو، ڇوته معاف ڪرڻ بھادرن جو ڪم آھي (حضرت سلمان فارسي رضي الله تعاليٰ عنه)
• جيڪو شخص انتقام جي طريقن تي غور و فڪر ڪندو رھندو آھي ته ان جا زخم ھيمشه تازا رھندا آھن (بو علي سينا)
• عوام جي آواز تي ڪن ڏيو، عوام جو آواز الله تعاليٰ جو آواز آھي (ذوالفقار ڀٽو)
• محتاط ماڻھو گھٽ غلطيون ڪندا آھن (ڪنفوشس)
• علم عمل سان حاصل ٿيندو آھي ۽ نظرياتي علم جيڪو عمل جي ذريعي حاصل ٿيندو آھي ان کي ٻيھر عمل ۾ اچڻ گھرجي (مائوزي تنگ)
• ھڪ باڪردار ماڻھو ھمٿ وارو به ھوندو. (انجيل مقدس)
• اميد جو ٻيو نالو غريب جي قوت آھي (راجرس بيڪن)
• ذاتي لائبريري زندگي جو سڀ کان وڏو سرمايو آھي ۽ دماغي لائبريري بي ملھھ نعمت (لينن)
• جنگ جنگلين جي تجارت آھي (نيپولين)
• ھر ناڪامي پنھنجي دامن ۾ ڪاميابي جو گل آھي، شرط اھو آھي ته اسان ڪنڊن ۾ الجھي نه وڃون. (والٽير)
• غصو بيوقوفي کان شروع ٿيندو آھي ۽ پشيماني تي ختم ٿيندو آھي (ارسطو)
• پنھنجي نفس کي فتح ڪرڻ سڀ کان وڏي فتح آھي. (افلاطون)
• جيڪو دنيا کان غافل آھي ان کي عقلمند نه ٿو چئي سگھجي. (رامائڻ)
• اگر اسان پنھنجي بدن جي ظاھر زخم تي مرھم رکون ٿا ته روحاني زخم جو علاج ڇو نه ٿا ڪريون (مھاتما ٻڌ)
• ڪوڙ ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ به نه ڳالھايو (سوامي ديانند)
• سچي ڳالھھ ته اھا آھي ته مان ڪنھن کي ناپسند نه ٿو ڪريان بھرحال ھو ڪنھن جي پسند ته آھي . (جواھر لال نھرو)

نوٽ ھي قول سونھري قولن جي ڪتاب تان ترجمو ڪيا ويا آھن

[social-bio id=4]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button