اسلام آباد
ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هاڻي گاڏيءَ سان حادثو ڪرڻ رهجي ويو آهي: عاصمه جهانگير
اسلام آباد (م ڊ): سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عاصمه جهانگير چيو آهي ته مون کي مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هاڻي رڳو گاڏي سان حادثو پڻ رهجي ويو آهي. احتساب رڳو سياستدانن ۽ عام ماڻهن جو نه ٿيڻ گهرجي. فوج ۽ ڳجهن ادارن جو به احتساب ڪيو وڃي. هن اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته فوجي جنرلن بينظير ڀٽو کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو هو، جيڪڏهن فيض، باچا خان ۽ ٻين محب وطن ماڻهن کي غدار قرار ڏنو ويو. جيڪڏهن اهي غدار آهن ته هوءَ به غدار آهي. هن چيو ته احتساب سياستدانن سان گڏ فوج ۽ ڳجهن ادارن جو به ٿيڻ گهرجي.