سکر

ڊي پي او اخبار ۾ ڇپيل خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

sukkur3 315x252سکر: ڊي پي او سکر اعتزاز احمد گورايا روزانه ڪاوش ۾ 06 جون 2011 تي شايع ٿيندڙ هڪ خبر جي هيڊ لائن جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سکر مان 08 ماڻهون اغوا ٿي ويا آهن واري خبر جي ترديد ڪئي آهي. ڊي پي او خبر جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ڊينٽر شڪيل احمد ۽ پينٽر ظهيرالدين مغل جيڪي ٻيئي واري تڙ روڊ سکر جا رهندڙ آهن اهي حيدر آباد کان موٽندي راڻي پور ضلعي خيرپور مان اغوا ٿيا هئا جڏهن ته اشفاق عرف بابو ڪمانگر زاهد مغل ۽ ناصر مغل جيڪي ڪوئيٽا ويل هئا اهي ڪار سميت ڊيرا مراد جمالي، بلوچستان مان اغوا ٿيا هئا. جڏهن ته فيصل مغل جيڪو غريب آباد سکر جو رهندڙ آهي ۽ ميڊيسن ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو اهو بلوچستان ويل هو جيڪو هن وقت تائين گهر واپس نه ٿيو آهي محمد نواز سولنگي پڻ نئون ديرو ضلعو لاڙ ڪاڻي مان اغوا ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته صرف هڪ ماڻهو نالي عبدالمجيد لاکو، آباد لاکا سکر مان پنهنجي زير تعمير رائيس مل آباد لاکا مان 29 مئي 2011 کان گم آهي هن مذڪوره تاريخ تي 08 ماڻهن جي اغوا ٿيڻ متعلق هيڊ لائن سان ڇپيل خبر جي ترديد ڪندي انکي ڊس انفارميشن قرار ڏنو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button