ڊي سي او ڄامشورو سنڌ ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ڪيل حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو
ڄامشورو: صوبي سنڌ ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ڪيل حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر/ ڊي سي او ڄامشورو ناصر عباس سومرو جي صدارت هيٺ هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي گذري .گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊي سي او سمورن عملدارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي زور ڀريو ته هو ڪنهن به امڪاني صورتحال دوران متاثرن جي امداد سميت جاني ۽ مالي نقصان کي نظر ۾ رکندي ريسيڪو جا فرض انجام ڏيندي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته اها انتظاميه جي اولين ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي برداشت نه ڪيو ويندو.ان کان اڳ پوليو مهم جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ضلعي ايڊمنسٽريٽر/ ڊي سي او ناصر عباس سومرو جي صدارت هيٺ هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي جنهن ۾ صحت کاتي کان علاوه ٻين واسطيدار ادارن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي . گڏجاڻي ۾ جهانگارا باجارا ۾ ظاهر ٿيندڙ پوليو ڪيس بابت پڻ ڄاڻ ورتي ۽ ان جي تدارڪ لاءِ هدايت ڏني وئي . ڊي سي او، سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندرجي سالياني عرس دوران ٽن ڏينهن واري پوليو مهم جي سلسلي ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ سميت مختلف ڪيمپون لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪئي _ ان کان اڳ اي ڊي او هيلٿ ڄامشورو ڊاڪٽرسيد منور علي شاهه ڊي سي او کي پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي رپورٽ بابت بريفنگ ڏني جڏهن ته ڊي سي او سمورن يو سي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو ان ڏس ۾ ڀرپور سهڪار ڪن.