خيرپور

ڊي سي او سارين جي پوکي تي 144 قلم لاڳو ڪري پابندي هڻي ڇڏي

art rice cnnخيرپور: ايڊمنسٽريٽر ضلعي حڪومت خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سم ۽ ڪلر جو وڌي وڃڻ جي ڪري ضلعي جي پابندي وارن علائقن ۾ سارين جي پوکي تي 144 قلم لاڳو ڪري پابندي هڻي ڇڏي آهي. ضلعي ايڊ منسٽريٽر اِهڙو حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به زميندار ۽ آبادگار کي ضلعي جي پابندي مڙهيل علائقن جهڙوڪ روهڙي ڪئنال ، ميرواه ۽ مختلف ڀرپاسن وارن علائقن ۾ سارين جي پوکي جي اجازت نه هوندي جڏهن ته ڪنهن به سارين جو پوکي جي ٻيجارو پوکيو آهي ته انهيءِ کي هڪدم ختم ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا ويا آهن. حڪم ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اهڙي 144 قلم جي سارين جي پوکي جي پابندي واري حڪم جي خلاف ورزي ڪندڙ خلاف سخت قدم کنيا ويندا. اهڙو حڪم هر ستن ڏينهن بعد پاڻ مرادو لاڳو ٿيندو رهندو ۽ 30 ڏينهن تائين جاري رهندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button