ڪراچي

ڊرون حملن خلاف ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

JI
ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ڊرون حملن خلاف ٻئي ڏينهن به ڌرڻو هنيو، جنهن کي خطاب ڪدني جماعت اسلامي پاڪستانجي امير سيد منور حسن چيو ته جڏهن حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ پارليامينٽ جي قرارداد تي عمل نه ڪندي ته پوءِ فيصلا ڌرڻن جي ذريعي روڊن تي ٿيندا. ملڪ مان آمريڪي مداخلت جو خاتمو طالبان پارليامينٽ ۽ جماعت اسلامي جو گڏيل مطالبو آهي. عوام ڌرڻن ۾ شرڪت ڪري ثابت ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آمريڪا جي غلامن لاءِ ڪائي جڳهه نه آهي. آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي شڪست جو بدلو پاڪستان کان وٺڻ چاهي ٿو. حڪومت نيٽو جي سپلاءِ بند ڪري ڀارت پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي ۽ آپگهاتي بمبار موڪلي رهيو آهي پاڪستان جو 18 ڪروڙ عوام ڀارت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اڳيون ڌرڻو گجرانوالا ۾ هنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي تحت غربت مهانگائي بيروزگاري لوڊ شيڊنگ ڀتي خوري ٽارگيٽ ڪلنگ حڪمرانن جي آمرڪا نواز پاليسين آمريڪي مداخلت خلاف ۽ پاڪستان ۾ با برڪت اسلامي انقلاب لاءِ تبت سينٽر تي هنيل ٻن ڏينهن واري ڌرڻي جي آخري ڏينهن خطاب ڪندي ڪيو. ڌرڻي ۾ ڪراچي جا هزارين مرد عورتون ٻار بزرگ ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي. ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن عسر ۽ مغربت جي نماز سيد منور حسن قيادت ۾ ايم اي جناح روڊ تي ادا ڪئي ڌرڻي ۾ موجود ماڻهو مصلحه تسبي ۽ ننڍي سائيز جا کيسي ۾ رکڻ جيترا قرآن پاڪ پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئا. ڌرڻي کي جماعت اسلامي سنڌ جي امير اسد الله ڀٽو نائب امير ڊاڪٽر معراج الهديٰ صديقي ڪراچي جي امير محمد حسين محنتي سيڪريٽري نسيم صديقي اسلامي جمعيت طلباءَ پاڪستان جو ناظم سيد عبدالرشيد جماعت اسلامي ڪراچي جو نائب امير نصر الله خان شجيع ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي ڪراچي جا نائب امير برجيز احمد حافظ نعيم الرحمان سيد محمد اقبال ڊاڪٽر عبدالواسع شاڪر جمعيت علماءَ پاڪستان جا اڳواڻ اويس نوراني جماعت دعويٰ جو اڳواڻ نويد قنور ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي جمعيت علماءَ اسلام جو اڳواڻ قاري عثمان ۽ ٻيا به موجود هئا. ڌرڻي ۾ نسيم صديقي آمريڪي مداخلت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رهائي لوڊ شيڊنگ ۽ مهانگائي جي حوالي سان ڪيتريون ئي قراردادون پيش ڪيون جن کي موجود ماڻهن هٿ مٿي ڪري منظور ڪيو. سيد منور حسن وڌيڪ چيو ته عوام ڌرڻي ۾ شامل ٿي ثابت ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آمريڪا جي غلامن لاءِ ڪائي جڳهه نه آهي. آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي شڪست جو بدلو پاڪستان ۾ وٺڻ چاهي ٿو. هن چيو ته هن وقت ملڪ اندر ڊرون جهاز حملو ڪري رهيا آهن آپريشن جاري آهي هي سواليه نشان آهي نيٽو لاءِ سپلاءِ پاڪستان مان گذري ٿي جيڪي آمريڪين لاءِ اسلحو ۽ ٻيو سازو سامان کڻي وڃن ٿا ڪوئي چريو به هي ڪم نه ٿو ڪري سگهي جو اهو پنهنجي دشمن کي مدد فراهم ڪري. هن چيو ته پاڪستان کي 20 کان 25 هزار سي آءِ اي جا ايجنٽ موجود آهن ملڪ مان گذرندڙ نيٽو جي ٽرڪن کي ڇو نه ٿو روڪيو وڃي. هن چيو ته پارليامينٽ متفقه قرارداد منظور ڪئي ته جيڪڏهن ڊرون حملا بند نه ٿيا ته اسان نيٽو جي سپلاءِ بند ڪندا سين اسان حڪومت کان پڇڻ چاهيون ٿا ته نيٽو جي سپلاءِ ڪڏهن بند ٿيندي قرارداد تي ڪڏهن عمل در آمد ٿيندو. هن چيو ته ملڪ ۾ خود ڪش حملا ٿي رهيا آهن جن جو الزام طالبان تي عائد ڪيو وڃي ٿو پر هي ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي ته طالبان ۽ ٻين تنظيمن جو مطالبو آهي ته پاڪستان آمريڪا جي تائيد بند ڪري ۽ دهشتگردي جي جنگ تان هٿ کڻي وڃي. دهشتگردي کان اسان کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي هي اسان جي جنگ نه آهي هي آمريڪا جي مفادن ۽ خطي جي وسيلن تي قبضي جي جنگ آهي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان پارليامينٽ ۽ جماعت اسلامي ٽئي ملڪ مان آمريڪي مداخلت جو خاتمو چاهين ٿا هي جنگ اسان جي جنگ نه آهي. هن چيو ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ ۾ عوام هڙتال ڪري رهيو آهي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي جڏهن ملڪ ۾ لوڊ شيڊنگ ٿيندي ته صنعتون ۽ ڪاروبار بند ٿي ويندا. ملڪ ۾ غربت مهانگائي بيروزگاري عروج تي آهي بجٽ مان ڪنهن کي ڪائي توقع نه هئي. بجٽ کان پوءِ به حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. هن چيو ته جماعت اسلامي رابطه عوام مهم جو آغاز ڪيو آهي جنهن جو مقصد ماڻهن جي ترجيحن ۽ سوچ کي تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته چونڊن کان اڳ فڪري انقلاب جي ضرورت آهي ان کان پوءِ چونڊون ٿيون ته هي انقلاب جو ذريعو ثابت ٿيندو. هن چيو ته ڪراچي جو عوام چوي ٿو ته ڀتي خورن کان ڇوٽڪارو ڪڏهن ملندو. هن چيو ته جڏهن عوام ڀتي خورن کي ووٽ ڏيڻ بند ڪندو انهي ڏينهن انهن دهشتگردن مان نجات ملندي. هن چيو ته ڀتي خوري کان علاوه متحده جو ٻيو ڪوئي ڪم نه آهي. هن چيو ته عوام دهشتگردن کي ووٽ ڏيڻ بند ڪري هن چيو ته اسان سياسي جماعتن سان اختلاف به ڪيون ٿا ۽ انهن جي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيون ٿا پر متحده سياسي جماعت نه آهي هي فاشسٽ ۽ دهشتگردن جو ٽولو آهي. هن چيو ته هي جيڪڏهن دهشتگردن جي جماعت نه هجي ها ته الطاف حسين لندن ۾ نه پر ڪراچي ۾ هجي ها کيس پنهنجن ئي ماڻهن مان خطرو آهي. هن چيو ته الطاف حسين ٻڌائي ته عمران فاروق جو قاتل ڪير آهي رابطه مهم جي نتيجي ۾ اسان عوام جي سوچ تبديل ڪندا سين ته عوام دهشتگردن کي ووٽ نه ڏئي. هن چيو ته جماعت اسلامي ڊاڪٽر عافيه جي رهائي لاءِ آواز اٿاريو آهي ان معاملي ۾ رحمان ملڪ ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جو ڇا ڪردار رهيو آهي سڀني کي خبر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سي آءِ اي ۽ بليڪ واٽر جا اهلڪار موجود آهن ۽ رحمان ملڪ انهن اهلڪارن جو ترجمان بنيل آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ حالتون انهن ماڻهن خراب ڪيون آهن جن جي دعويٰ آهي ته انهن وٽ عوامي مينڊيٽ آهي. هن حڪومت کي جمهوري حڪومت سڏرائڻ جو ڪوئي حق نه آهي هي پارليامينٽ جي قراراد تي عمل در آمد نه ٿي ڪرائي. هن چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي تسليم نه ڪيو آهي نه ئي عوامي مسئلا حل ڪيا آهن تنهن ڪري هن کي عوامي حڪومت سڏرائڻ جو ڪوئي حق نه آهي اسد الله ڀٽو چيو ته اسان ملڪ جي تقدير کي تبديل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. حڪمران عوام کي روزگار ڏيڻ جي واعدي تي اقتدار ۾ آيا هئا پر اڄ غريب عوام جي وات مان ماني جو هڪ گره به کسيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ روز لاش ملن ٿا پر اتحادي جماعتون صرف هڪ ٻئي تي الزام عائد ڪن ٿيون. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ اسان جي نه آهي ان سان اسان جي معيشت تباه ٿي رهي آهي. محمد حسين محنتي چيو ته دنيا جي زندگي هڪ امتحان آهي اسان تي فرض آهي ته اسان دين جي سر بلندي لاءِ ڪم ڪيون ۽ حق جي راهه ۾ سر ڏيون. هن چيو ته اهو وقت ويجهو اچڻ وارو آهي جو باطل جو وجود ختم ٿيڻ وارو آهي آمريڪا افغانستان ۾ شڪست کائي رهيو آهي فلسطين ۽ ڪشمير ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن بهادري جا داستان ٺاهيا آهن. جماعت اسلامي آمريڪا ۽ ان جي ساٿارين جو مقابلو ڪندي. پاڪستان کي آزاد ٿئي 64 سال ٿيا. نسيم صديقي چيو ته اهي ادارا جن کي عوام جي حفاظت ڪرڻي هئي اهي خود پنهنجي حفاظت نه ٿا ڪري سگهن ته اهڙي صورتحال ۾ ڇا ٿيندو اڄ هي سوال هر پاڪستان جي ذهنن ۾ خدشا پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڌرڻو هنيو آهي هي ڌرڻو ملڪ ۾ تبديلي جو سبب ثابت ٿيندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button