آرٽيڪل

ڊرون حملا

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
drone جيڪي ماڻھو اھو جواز پيش ڪن ٿا تھ پاڪستان ۾ دھشتگرديءَ جون ڪاروايون ڊرون حملن جي جواب ۾ ٿين ٿيون، اھي محض قوم کي گمراھھ ڪن ٿا، ڇا ڪو ان ڳالھھ جو جواز پيش ڪري سگھي ٿو تھ قبائلي علائقن ۾ ڊرون حملن ۾ غير ملڪي دھشتگردن جي مارجي وڃڻ جي رد عمل ۾ معصوم ۽ بيگناھھ ماڻھن کي موت جي حوالي ڪيو وڃي، دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نھ صرف ھٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جا 5 ھزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ جوان شھيد ٿيا آھن پر .3 ھزار عام پاڪستاني دھشتگردن جي ڪارواين سبب شھيد ٿيا آھن ۽ لکين پاڪستاني معصوم عورتون، ٻار، جوان ۽ پوڙھا زخمي ٿيا، جيڪي پوري زندگي لاءِ معذور ٿي ويا، اسلام جو نالو وٺي دھشتگردي ڪندڙن کي اسلام جي بنيادي تعليمات جو بھ شايد علم نھ آھي، جنھن ۾ جنگ جي دوران بيگناھھ عورتن، ٻارن ۽ پوڙھن کي تحفظ ڏنو ويو آھي، اسلامي تعليمات ۾ تھ ٻني ٻاري جي تحفظ جي ضمانت بھ ڏني وئي آھي ڪنھن بيگناھھ جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏنو ويو آھي، اسلام جي بنيادي تعليمات ۾ ھر عورت ۽ مرد تي تعليم لازم ڪئي وئي آھي ۽ ايستائين چيو ويو آھي تھ علم "حاصل ڪريو چاھي ان لاءِ اوھان کي چين وڃڻو پوي”. قرآن پاڪ جو ته پھريون نازل ٿيڻ وارو لفظ به "اقرائ” ھو جنھن جو مطلب آھي پڙھھ، پڙھھ پنھنجي رب جي حڪم سان جنھن انسان کي ڄميل خون مان پيدا ڪيو. تھ ڇا اھي مسلمان آھن جيڪي مسلمان ٻارڙين جي تعليمي ادارن کي بم ڌماڪن سان اڏائي ڇڏن ٿا، اسڪولن ۽ ڪاليجن تي بزدل دشمنن وانگر بم اُڇلن ٿا، معصوم ٻارڙين کي موت جي ننڊ سمھاري ڇڏن ٿا ڇا انھن ماڻھن کي اسلام جو پيغام پھچائيندڙ چئي سگھجي ٿو، جيڪي ميڙ لڳائي ماڻھن کي مختلف الزامن ۾ ذبح ڪن ٿا، لاھور جي مون مارڪيٽ ۾ بزدل دھشتگردن بم پوريو ھو، دھشتگردي جي ان خوفناڪ وارڌات ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ بيگناھھ عورتون، ٻار، جوان ۽ پوڙھا شھيد ٿي ويا ھئا، سينڪڙون زخمي ۽ معذور ٿيا. 7 نوجوان نياڻيون ڪنوار بڻجڻ لاءِ اتي موجود بيوٽي پارلر ۾ تيار ٿي رھيون ھيون انھن جو ڪھڙو قصور ھو انھن کي ھڪ ڏينھن بعد پنھنجي نئين زندگين جي شروعات ڪرڻي ھئي کين ڪھڙي نھ ڪيل گناھن جي سزا ۾ جيئري ساڙيو ويو. پاڪستان ھڪ ائٽمي رياست آھي ۽ دنيا جي واحد اسلامي مملڪت آھي جيڪا جديد ترين ميزائلن ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي حامل آھي، ھيءَ اسلامي رياست ملڪ دشمن قوتن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چُڀجي ٿي، ان رياست تي اسلام جو نالو وٺي چئني پاسن کان حملو ڪيو پيو وڃي، ھن جي پاڙن کي کوکلو ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ڪئي پئي وڃي. پاڪ ھوائي فوج جي مھراڻ ايئرس بيس تي دھشتگردن انھن قيمتي جھازن کي نشانو بڻايو جيڪي پاڪستان جي ھوائي تحفظ جي ضمانت ھئا، پي ٿري سي ۽ ين جھاز ڀارت جي ڪنھن بھ وحشت جي پيشگي اطلاع ڏيڻ جي صلاحيت رکن پيا اھي جھاز سمنڊ ۾ لڪل دشمن جي آبدوز جي نشاندھي ڪرڻ ۽ ان کي تباھھ ڪرڻ جي صلاحيت بھ رکن پيا، انھن جھازن جو دھشتگردي خلاف جنگ سان ڪوبھ تعلق نھ ھو ۽ نھ ئي اھي جھاز ڪڏھن قبائلي علائقن ۾ استعمال ٿيا، انھن جھازن کي تباھھ ڪرڻ جي سازش اصل ۾ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آھي، پاڪستان جي ھٿياربند فوج کي ھڪ منظم رٿابندي تحت نشانو بڻايو پيو وڃي، فوج جي ڪاروبار جي نالي تي تنقيد جي بازار گرم ڪئي پئي وڃي، ملڪي سرحدن جي تحفظ ۽ ملڪي سلامتي جي لاءِ روزانو پنھنجون جانيون قربان ڪندڙ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ جوان جا حوصلا پست ڪيا پيا وڃن ۽ جواز اھو ڏنو پيو وڃي تھ اھي ڊرون حملن جو رد عمل آھي. حقيقت تھ اھا آھي تھ دھشتگرد اسلام جي نالي تي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رھيا آھن، دھشتگردن جي صفن ۾ ملڪ دشمن قوتن جا عنصر زور وٺي چڪا آھن، دھشتگردن جي ماسٽر کي ھدفن جو پتو ھوندو آھي پر عمل ڪندڙ اھلڪار ان کان بي خبر ھوندا آھن، آپگھاتي بمبار عمومي طور 51 کان 81 سال کان گھٽ عمر نوجوان ھوندو آھي جنھن جي برين واشنگ ڪئي وڃي ٿي ۽ آپگھاتي جيڪيٽ پارائي معصوم ۽ بيگناھھ مسلمانن جي مارڻ لاءِ روانو ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان تي اڄ مشڪل وقت اچي پيو آھي، دھشتگردي جي وارڌاتن جو ھدف ڪافي نشانا آھن ھڪ نشانو قوم جو مورال ختم ڪرڻ آھي، پر ان ۾ ملڪ دشمن قوتن کي ڪڏھن بھ ڪاميابي حاصل نٿي ٿي سگھي، پاڪستاني قوم جو مورال ڪڏھن بھ ختم نھ ٿو ڪري سگھجي، ھر نوجوان پاڪستاني صورتحال مان بي چين آھي ۽ موقعي جي ڳولا ۾ آھي، جڏھن ھو پاڪستان کي دھشتگردي مان پاڪ رياست بڻائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، پاڪستان جون بازارون ۽ رستا ويران ناھن ٿيا، زندگي روان دوان آھي، قوم ڊڄي گھرن ۾ ناھي ويٺي ماڻھو زندگي جي معاملن ۾ ڀرپور انداز ۾ حصو وٺي رھيا آھن. دھشتگردن جو ٻيو ھدف ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيداري کي متاثر ڪرڻ آھي تھ جيئن ڪوبھ سرمائيدار پاڪستان جو رخ نھ ڪري پر پھرين کان موجود سرمائيدار بھ پنھنجا اثاثا سميٽي ھتان ڪنھن ٻئي ملڪ جو رُخ ڪري وٺي، ھڪ ٻيو ھدف پاڪستان جي ھٿياربند فوج کي نشانو بڻائڻ آھي، ھڪ ھدف قومي قيادت جو خاتمو آھي، مقبول رھنمائن کي قتل ڪري دھشتگرد پاڪستان ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ چاھين ٿا، صرف قومي يڪجھتي سان ان جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button