چانڊڪا اسپتال جي مسڪين مريضن جي دانھن ڪير ٻڌندو؟..
بختيار بگٽي
اتر سنڌ جي مشھور لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف وچ ۾ يارنھن ڏينھن کان ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي. جڏھن تھ ٻنھي ڌرين جي جھيڙن توڙي ڇڪتاڻ ۽ ضد سبب اسپتالن ۾ داخل ويچارا ھزارين مريض علاج کان محروم ٿي ويا آھن. ان کان پوءِ ڪيترن ئي پرايويٽ اسپتالن ۾ غريب مريضن پاران قرض کڻي ۽ پنھنجي گھر جو سمورو سامان کپائي مختلف پرائيويٽ اسپتالن ڏانھن ھليا ويا، پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڄڻ ڊاڪٽرن لاءِ عيدون ٿي ويو ۽ انھن جو ڪمائي جو ذريو انھن 11 ڏينھن اندر لکين رپيھ ڪمائي عيش ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا آھن انھن 11 ڏينھن ۾ روز ڪيترائي مريض جن ۾ عورتون، مرد توڙي ٻارڙا ۽ نوجوان موت جو کاڄ بڻجي رھيا آھن. پر پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ روز ايم ايس توڙي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڇڪتاڻ جون خبرون نمايان انداز ۾ گلن جيان ڏيک ڏئي رھيا آھن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تھ اھي بيباڪ صحافي انسان دوست ڪاڏي ويا جن ھن مھل تائين انھن مظلوم غريب بي سھارا ۽ بي پھچ مريضن ڏانھن شايد واجھائي نھ ڏٺو. انھن سان ڪھڙو حشر ھلي رھيو آھي ۽ روز ڪيترا مريض موت جو شڪار بڻجي رھيا آھن. ڇا اسان جا صحافي دوست انھن مريضن کي ڪوريج ڇو نھ ڏئي رھيا آھن. ۽ انھن جي دانھن جو آواز ڇو نھ ٿا بڻجي وڃن، ڇا صحافين جي اکين تي پٽيون ٻڌل آھن. آ/ جڏھن چانڊڪا اسپتال ۾ پنھنجي نجي نيوز چينل جي اسٽوري لاءِ جيئن ئي پھتس تھ ڪجھھ عورت مريض جيڪي بلوچستان توڙي سنڌ جي ڏورانھن علائقن کان اچي اتر سنڌ جي ھن مشھور چانڊڪا اسپتال ۾ پنھنجي بيماري جي علاج واسطي داخل ٿيا. تھ جيئن اسين صحتمند ٿي پنھنجي وطنن ڏانھن واپس ھليا وڃو. ۽ سٺي زندگي گذاري سگھون، اھي ڪجھھ عورتون روئيندي دانھندي رھيون ھيون. انھن مونکان جڏھن ھڪ سوال پڇيو تھ پٽ ڪيترن ئي صحافين اسان کان سوال رڪارڊ ڪري ۽ ڪجھھ تصورون ڪڍي ھليا ويا. ۽ اڄ تائين اھي ڪنھن بھ اخبار توڙي ٽي وي تي اسان جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پھچائڻ جو واعدو ڪيو. پر ھن محل تائين 11 ڏينھن گذري چڪا آھن ڪنھن بھ اخبار توڙي ٽي وي تي اسان جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين نھ پھچائي سگھيا آھن. ابا اگر توکي منھنجي آواز کي اڳتي حڪمرانن تائين پھچائڻو ٿئي تھ ٺيڪ آھي نھ تھ اسان جو مذاق نھ بڻايو. جڏھن تھ مون اتي اسپتالن اندر جيڪو حشر ڏٺو تھ مونکي روئڻ اچي رھيو ھو. نھ اتي ڪنھن مريض کي دوائون فراھم ٿي سگھن پيو نھ اتي ڪو عملو نظر اچي رھيو ھو. 11 ڏينھن کان وٺي مسلسل صفائي نھ ھجڻ ڪري سخت بدبوءِ اچي رھيو ھو. انھن مريضن کي شابش آھي جيڪي غربت منجھان ھن جيل جھڙي ڪوس گھر ۾ ڏينھن گھاري رھيا ھئا. جڏھن تھ ڪيترن ئي مريضن جي زخمن جو علاج نھ ٿيڻ ڪري انھن جا زخم ناسور بڻجي رھيا ھئا. جڏھن تھ ڪيترن ئي مريضن جا آپريشن پڻ نھ ٿيڻ ڪري وڏي تڪيليفن کي منھن ڏئي رھيا ھئا. ۽ انھن يارنھن ڏينھن اندر اندر سول اسپتال ٽيچنگ اسپتال، پيڊس سرجري، شيخ زيد وومين اسپتال، سي ايم سي ٻارڙن وارو شعبو، شعبھ حادثات، او پي ڊي سميت نيورو سرجري، ڪارڊيولاجسٽ سميت مختلف شعبن ۾ ھن محل تائين .7 کان وڌيڪ مريض علاج نھ ٿيڻ ڪري موت جي منھن ۾ ھليا ويا. ڇا اھي انسان نھ ھيا جو انھن سان جانورن جھڙو سلوڪ رکيو ويو؟ جانورن سان بھ اھڙو سلوڪ ناھي ڪيو ويندو جيڪو چانڊڪا اسپتال جي عملي توڙي ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جيڪو خد آديب دانشور ليکڪ ۽ ڪالم نگار جو ادب رکي ٿو. جنھن اھو بھ نھ سوچو تھ مون اھو ڇا ڪيو. شايد اھو سوچي ھا تھ ايترن انسانن جون جانيون ظايع نھ ٿي سگھن ھا. افسوس تھ انھن انساني زندگيون ظايع ٿيڻ جو حڪومت جي ڪنھن بھ عليٰ عملدار نوٽيس نھ ورتو ھاڻي ائين ڪرڻ گھرجي تھ ايم ايس توڙي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ٻنھي ڌرين کي سخت ۾ سخت سزا ڏئي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. ڇا پ پ پ حڪومت ننڊ پيل آھي، پوءِ غريب مريضن جي موت جو نوٽيس ڇو نھ ورتو ويو آھي. ڇا اھي انھن مظلوم بيسھارن بي پھچ ويچارن مريضن سان انصاف ٿيندي ۽ انھن جي وارثن کي انصاف ملندو؟