اسلام آباد
ھٿيارن جي زور تي شريعت لاڳو نٿي ڪري سگهجي:فضل الرحمان
اسلام آباد(م ڊ) جي يو اءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستاني عالمن آپگهاتي حملن کي جائز قرار ناهي ڏنو. اسان غير آئيني هٿياربند جدوجهد خلاف آهيون. هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته هٿيارن جي زور تي شريعت کي لاڳو نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هٿيارن جي زور تي شريعت جو مطالبو ڪرڻ درست ناهي. ملڪي صفن ۾ پرڏيهي قوتون خطرو بڻجي رهيون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي جمهوري قوت ايتري مستحڪم ناهي. ملڪ ۾ هٿياربند جدوجهد خطرناڪ ثابت ٿيندي. ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن جي حوالي سان هن چيو ته ملڪ جي اندروني صورتحال کي نطر ۾ رکندي عسڪري قوت ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن ڪرڻ جي حق ۾ ناهي، اسان مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سياسي طور ڳالهيون ڪرڻ جا پابند آهيون.