ٿرڪول منصوبو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب ثابت ٿيندو، محنت جي ضرورت آهي: ثمر مبارڪ
اسلام آباد: پاڪستان جي نامياري ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿر ڪول منصوبي تي ماهر سائنسدان ڪم ڪري رهيا آهن، آگسٽ ۾ ان منصوبي مان گئس ٺاهڻ شروع ڪئي ويندي، ان منصوبي جي سڀ کان پهرين ترجيح سستي بجلي پيدا ڪرڻ آهي. گذريل ڏينهن پي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ٿر ڪول منصوبي جي حوالي سان پڇيل سوالن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪوئلي جو دنيا جو ٽيون وڏو ذخيرو آهي جنهن مان اسان پنهنجي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سٺي نموني فائدو وٺي سگهون ٿا.ٿر ڪول منصوبي ۾ مائننگ طريقي ڪار استعمال نه ٿيندو. هن ٻڌايو ته ان منصوبي جي ڪل لاڳت 115 ملين ڊالر آهي ۽ ان منصوبي تحت اسان ٿر جي پاڻي کي پڻ زرعي استعمال جي قابل بڻائينداسين.ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا 500 سالن تائين ڪافي آهن، ان منصوبي تحت 30 سالن تائين گئس ۽ 100 ملين بيرل ڊيزل فراهم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ان منصوبي جي ڪاميابي جي صورت ۾ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ٿيندي ۽ سيڙپڪار ڪمپنين کي 20 سيڪڙو نفعو واپس ٿيندو. هن ٻڌايو ته ان منصوبي تي تسلسل قائم رهيو ته پنجن سالن ۾ پاڪستان ۾ بجلي ۽ ڊيزل جهجهي مقدار ۾ هوندي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ