ٺٽو

پي بي بچاءُ بند کي پيل گهاري جي مرمت جو ڪم رولڙي جو شڪار

Sindh floodٺٽو(سجاد علي ميمڻ) فقير ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند کي پيل گهاري واري هنڌ توڙي بند کي مضبوط ڪري پيچنگ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرائيندڙ ٺيڪيدار پاران رقم جي ادائگي نه ٿيڻ ڪري ڪالهه ٻئي ڏينهن به بند تي مرمتي ڪم بند رهيو ۽ ٺيڪيدار پارا ن بند تي مقرر ڪيل سموري مشنري واپس ٿيڻ ڪري بند تي مرمتي ڪم بند پيل آهي جڏهن ته معاملي جو ٺٽي جي ڊي سي او سميت اعليٰ اختيارين سخت نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي جي اعليٰ اختيارين سان رابطا ڪري بند ٿيل ڪم فوري طور شروع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي ، ان سلسلي ۾ مليل جاڻ موجب فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند کي پيل گهاري واري هنڌ ارٿ ورڪ جو ڪم ۽ پيچنگ جي ٺيڪي جو ڪم کڻندڙ ٺيڪيدار کي رقم جي ادائگي نه ٿيڻ ڪري حفاظتي بند تي ڪم بدستور بند آهي جنهن سبب علائقي واسين ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي جڏهن ته پي بي بند جي گهاري واري هنڌ هڪ ڪلوميٽر تائين پٿرن جي پيچنگ ۽ بند کي گذريل ٻوڏ جي سطح کان 6 فوٽ مٿي ڪرڻ وارو ڪم به مڪمل ٿي نه سگهيو آهي ٻئي طرف ٺٽي جي ڊي سي او جعفر عباسي پي بي بچاءُ بند تي هلندڙ ڪم بند ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي آٻپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري کين صورتحال کان آگاهي ڏني آهي ۽ چيو آهي ته پي بي بچاءُ بند تي ڪم هرصورت۾ جلد چالو ڪرائي مڪمل ڪرايو ويندو ته جيئن ايندڙ امڪاني ٻوڏ جي خطري کان اڳ هن انتهائي حساس قرار ڏنل بند کي مضبوط بڻائي سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button