ڪراچي

پي اين ايس مهراڻ حملي ۾ مارجي ويل چارئي دهشتگرد ن جي ڊي اين اي رپورٽ پڌري

PNS mehran AFP 543ڪراچي : پاڪ بحريه جي بيس پي اين ايس مهراڻ تي حملو ڪندڙ دهشتگردن ۾ ڪوبه پاڪستاني نه آهي حملي ۾ مارجي ويل چئن دهشتگردن جي ڊي اين اي رپورٽ پوليس کي ملي ويئي چار ئي دهشتگرد پرڏيهي هئا خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب پوليس کي مليل ڊي اين اي رپورٽ موجب پي اين ايس مهراڻ تي حملو ڪندڙ چار ئي دهشتگرد پرڏيهي هئا رپورٽ موجب دهشتگردن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ جسم مان 2 نمونا ورتا ويا هئا جنهن ۾ هڪ نمونو سندن قوميت لاءِ ۽ ٻيو نمونو سندن خاندان جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ورتو ويو آهي جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٿيل ٽيسٽ جي رپورٽ موجب دهشتگردن جو پاڪستان سان ڪوئي تعلق نه آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button