خيرپور

پيپلز پارٽي وفاق جي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جي حقن لاءِ هميشه جدو جهد ڪري رھي آھي: جاويد شاھ جيلاني

SBB Salgirah Taqreebخيرپور: شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ ٽن ڏينهن جي رت جي عطئي ڏيڻ جي حوالي سان ” بلڊ ڊونيشن“ ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ 600 کان وڌيڪ معزز شهرين، سماجي ڪارڪنن پيپلز پارٽي جي ورڪرن ۽ پارٽي جي ليڊيز ونگ جي اڳواڻن ڪئمپ ۾ رت جو عطيو ڏنو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي وفاق جي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جي حقن لاءِ هميشه جدو جهد ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي مشن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. جڏهن ته تقريب کي سنڌ جي وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ پيپلز پارٽي جي ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو خطاب ڪندي چيو ته صوبي اندر سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي سربراهي ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر قمر زمان شاهه، سيد امجد علي شاهه، علي شير مڪول، ليڊيز ونگ جي اڳوڻ بي بي ارشاد جيلاني، غزاله سيال ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو ۽ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ پارٽي ورڪرن کي رت جي عطي ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ضلعي حڪومت جي ائڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او محمد عباس بلوچ پڻ ڪئمپ جو دور ڪري صحت کاتي جي ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته شهيد محترمه جي سالگره جي موقعي تي رت جي عطئي کي موثر نموني سان محفوظ ڪن ته جيئن ان مان فائدو حاصل ٿي سگهي. جڏهن رت جو عطيو پاڪستان جي محافظ فوجي جوانن کي عطئي طور ڏنو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button