خيرپور

پروفيسر ڊاڪٽر عطامحمد حاميءَ جي 29 ورسي 3 جولاءِ 2011 بروز آچر ڏينهن ملهائي پئي وڃي

خيرپور:
سهي ظُلم ڇڏبو زماني کي حامي!
مگر ياد رکندو اسان کي زمانو (حامي)
hami sahab حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور ۽ ثقافت کاتي سنڌ پاران سنڌ جي برک شاعر، محقق، ڏاهي پروفيسر ڊاڪٽر عطامحمد حاميءَ جي 29 ورسي 3 جولاءِ 2011 بروز آچر ڏينهن ملهائي پئي وڃي. پروفيسر ڊاڪٽر حاميءَ جي 29 ورسي جي مختلف تقريبن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني 3 جولاءِ تي شام جو 7:00 وڳي خيرپور ويجهو ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ پروفيسر حامي جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي ڪندو. جڏهن ته ان موقعي تي مواصلات جو صوبائي وزير منظور حسين وساڻ، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو، ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني، ايم اين اي حاجي نواب خان وساڻ خاص مهمانن جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندا. ان موقعي تي شام 7:30 وڳي تقريب جو افتتاحي اجلاس ٿيندو ان موقعي تي حامي سووينئر ۽ حامي تحقيقي جرنل 2 جو مهورت ٿيندو ۽ تقريب ۾ حامي ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا. جڏهن ته رات جو 8:30 وڳي رات جو ادبي ڪانفرنس، 9:30 وڳي رات جو مُشاعرو ۽ 10:30 وڳ رات جو محفلِ موسيقي ۾ حامي جو ڪلام پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته 4 جولاءِ بروز سومر ڏينهن شام جو 5:00 وڳي سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو منعقد ڪرايو ويندو.

هن وقت ن ٿو قدر ڪري هڪ ڏينهن اهو افسوس ڪندو
حاميءَ جي مرڻ کانپوءِ سندس ارمان هزارين پيا ٿيندا . (حامي)

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button