اسلام آباد

پاڪستان ۽ افغانستان پاران خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جو عزم

pm afghanprerecاسلام آباد: پاڪستان ۽ افغانستان جي قيادت خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي ۽ پن بجلي، مواصلات، مالياتي شعبي، صحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گهڻ ملڪي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ، سفارتي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن لاءِ ويزا جو شرط ختم ڪرڻ، منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان مشاورت جو عمل تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي قيادت پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام، دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي لعنت جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ واري عزم کي ورجائيندي افغانستان ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ان ڏس ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪميشن جوڙڻ لاءِ طريقيڪار طئي ڪرڻ تي اطمينان ظاهر ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن عوامي سطح تي رابطا ۽ واپاري سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي 12 جون کان عمل شروع ٿي ويندو. وچ ايشيائي رياستن جي ان ۾ شموليت لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون وينديون. ڇنڇر ڏينهن هتي جاري ڪيل 23 نقاطي اسلام آباد اعلان ۾ افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين عملدارن سان ٿيل ڳالهين ۽ ڪيل فيصلن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اسلام آباد اعلان تي پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزير ظلمي رسول صحيحون ڪيون آهن. اسلام آباد اعلان مطابق صدر آصف علي زرداري جي دعوت تي صدر حامد ڪرزئي 10 جون کان 11 جون تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. ٻنهي برادر ملڪن جي قيادت انتهائي گرمجوشي واري ماحول ۾ خطي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ امن جي تصور کي عملي جامعو پهرائڻ لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تعاون کي تقويت ڏيڻ لاءِ تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي قيادت ٻطرفي تعاون ۾ اڳڀرائپ تي اطمينان ظاهر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي قيادت اتفاق ڪيو ته گڏيل لاڳاپن ۾ بهتري ڀرپور اعتماد ۽ ڀرپور مختلف شعبن ۾ وسيع تعاون جي فروغ جي ڏس ۾ ٺوس قدمن جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ وسيع ۽ پختي اقتصادي ۽ واپاري تعاون، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطن کي وڌائڻ، توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سهڪار جي شروعات، ثقافتي، پارلياماني، عوامي شاگردن ۽ نوجوانن جي وچ ۾ رابطن کي بهتر انداز ۾ وسعت ڏيڻ شامل آهي.
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button