اسلام آباد

پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ ۽ آزاد واپار جي معاهدي جي فوري ضرورت آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

Yousuf Raza Gilani 314285اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جي ترجيح واپار آهي امداد نه آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ ۽ گهٽ ترقي يافته ۽ عسڪريت پسندي سبب متاثر علائقن ۾ غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاد واپار جي معاهدي جي فوري ضرورت آهي، پاڪستان ۾ آمريڪا جي موجودگي امن ۽ خوشحالي جو ذريعو هجڻ گهرجي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ڊوگ ليم بارن جي قيادت ۾ آمريڪي ڪانگريس جي هڪ وفد سان ڳالهائي هريو هو، جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ٻئي جي باري ۾ مثبت پيغام رسائي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪجهه واقعن سان آمريڪا ۾ پاڪستان جي باري ۾ منفي تاثر پيدا ٿيو آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ ردعمل ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ ان سان اسان جي لاڳاپن تي اثر پيو آهي. هن دهشتگردي، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ آمريڪا سان تعاون جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط عزم جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون مالي ۽ جاني قربانيون ڏنيون آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا، القاعده ۽ ان جي حامين خلاف گڏيل ڪارروائي سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين تي اڳڀرائي جي ضرورت آهي. وزيراعظم ملاقات ۾ افغان صدر حامد ڪرزئي جي ايندڙ دوري جو به ذڪر ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت بابت گڏيل ڪميشن جي افتتاحي اجلاس سان گڏوگڏ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي عملدرآمد جي آغاز جو به شيڊيول تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪور گروپ جو حصو هجڻ جي ناتي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ اسٽريٽجڪ هم آهنگي جي ضرورت آهي. هن خطي جي مستقبل جي حوالي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جوڳو قرار ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۽ خطي ۾ اقتصادي ترقي جي لاءِ وسيلن مان وڌ مان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو عوام اميد ڪري رهيو آهي ته آمريڪا ۾ آمريڪي قانون تحت ريمنڊ ڊيوس سان پاڪستان ۾ ان جي قدم جي حوالي سان مڪمل جاچ ڪئي ويندي. آمريڪي ڪانگريس جي وفد دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي انتهائي اهم ملڪ قرار ڏنو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button