اسلام آباد

پاڪستان جاپان سان پنهنجن خوشگوار لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انڊس هاءِ وي سميت مختلف وڏا منصوبا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تعاون جا مثال آهن: صدر آصف علي زرداري

pre dfmjapanاسلام آباد (اي پي پي): صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجن خوشگوار لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انڊس هاءِ وي سميت مختلف وڏا منصوبا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تعاون جا مثال آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه خميس ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ جاپان جي نائب پرڏيهي وزير ڪورو بيشو سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ جاپان جو سفير هيروشي ۽ ٻيا جاپاني عملدار به موجود هئا، جڏهن ته صدر جي مدد سيڪريٽري جنرل سلمان فاروقي، پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير، جاپان ۾ پاڪستان جي سفير نور محمد جدماني ۽ صدارتي ترجمان فرحت الله بابر ڪئي. ملاقات دوران پاڪ جاپان ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل تعاون، خاص ڪري واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ علائقائي تعاون جا معاملا بحث هيٺ آيا. ان کانسواءِ واپار ۽ سيڙپڪاري انفراسٽرڪچر جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. صدر جاپاني نائب پرڏيهي وزير جو استقبال ڪندي چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن جي انتهائي قدر ڪري ٿو ۽ انڊس هاءِ وي منصوبو، بجلي جا مختلف منصوبا، ٻهراڙي جي رستن جي تعمير جي منصوبن ۽ پمز ۾ ٻارڙن جي اسپتال پاڪستان جاپان جي پائيدار لاڳاپن جا پائيدار مثال آهن. هن چيو ته پاڪستان جاپاني حڪومت جي سڌي سنئين امداد ۽ فرينڊز آف ڊيموڪريٽڪ پاڪستان سميت مختلف فورمن تي جاپان جي حمايت جي قدر ڪري ٿو. صدر مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ جاپاني حڪومت جي دلچسپي تي ٿورا مڃيا، جن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جا وڏا امڪان آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جا وڏا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي واپاري حجم سان ٻطرفي لاڳاپن جي گهرائي جي مڪمل عڪاسي ٿيندي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي لاءِ گڏيل واپاري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button