پاڪستان برطانيا سان برابر خودمختياري، گڏيل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي تفصيلي رابطن جو خواهشمند آهي: زرداري
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان برطانيا سان برابر خودمختياري، گڏيل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي تفصيلي رابطن جو خواهشمند آهي، پاڪستان جي مصنوعات جي لاءِ يورپي منڊين تائين پهچ جي ضرورت آهي، اسان امداد نه پر واپار چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي اسٽريٽجڪ ڳالهين جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، ان سان عالمي امن ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان معاملن تي بهتر مفاهمت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي برطانيا جي عالمي ترقي جي وزير اينڊريو مچل سان ڳالهائي رهيو هو. جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صدر جو سيڪريٽري سلمان فاروقي، پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر، سينيٽر صغريٰ امام، قومي اسيمبلي ميمبر فرح ناز اصفهاني، پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير، اقتصادي معاملن جو ڊويزن سيڪريٽري عبدالواجد رانا ۽ صدارتي ترجمان فرحت الله بابر به موجود هئا. جڏهن ته برطانوي هاءِ ڪمشنر ايڊم ٿامسن، اولهه ايشيا جي لاءِ ڊي ايف آءِ ڊي جو ڊائريڪٽر معظم ملڪ پاڪستان ۾ ڊي ايف آءِ ڊي جو سربراهه جارج ٽور ڪنگسٽن ۽ برطانوي وزير جو خصوصي صلاحڪار رچرڊ پار به برطانوي وزير سان گڏ هئا. اسٽريٽجڪ ڳالهين، علائقائي صورتحال، يورپي يونين جي منڊين تائين پاڪستاني مصنوعات جي پهچ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليمي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چيو ته پاڪ برطانيا اسٽريٽجڪ ڳالهيون اسان جي لاڳاپن جي اهم رخن تي ٻڌل آهن ۽ اها هڪ نمايان اڳڀرائي آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت جوڳي آهي. صدر تعليم جي شعبي لاءِ برطانوي امداد ۽ سنڌ جي لاءِ تجويز ڪيل تعليم فنڊ ۽ پاڪستان ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس ويجهن رابطن جهڙن مختلف قدمن وسيلي ڊي ايف آءِ ڊي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر چيو ته هو خاص طور تي پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي لاءِ برطانيا جي اضافي امداد جي آجيان ڪري ٿو ۽ هن ويڙهاڪ ذهنيت جي خاتمي کي سماجي ۽ انساني ترقي جي لاءِ انتهائي اهميت جوڳو قرار ڏنو.