ڪلتار گل
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جنهن جي ٽوٽل آبادي جو 73 سيڪڙو آبادي زراعت سان سلهاڙيل آهي جيڪو مسلسل ايندڙ قدرتي آفتن ، وسيلن جي کوٽ ، زمينن جو ناڪاره ٿيڻ، مناسب پيداواري صلاحيتن جي ڄاڻ نه هجڻ ۽ ٻج، ڀاڻ ۽ دوا جي بهتر ۽ مناسب نه هجڻ جي ڪري اسان پنهنجي ملڪي ضرورت جيترو به کاڌ خوراڪ جي پيداوار نه پيا ڪري سگهون ۽ ٻئي طرف وڌندڙ آبادي جي ڪري اسان پنهنجي ضرورت جون شيون پيدا ڪرڻ ۾ پڻ قاصر اهيون جنهن جي ڪري اسان کي ٻين ملڪن کان پنهنجي ضرورت لاءِ ايندڙ شين جهرڙوڪ کنڊ ، داليون، مصالحا ، ڀاڄيون ، بصر، چانور ۽ ڪڻڪ وغيرا پڻ ٻين ملڪن مان گهرائڻا پون ٿا جنهن سان اسان جي خزاني تي به بار پوي ٿو ۽ نتيجي ۾ بين ترقياتي ڪم به نه پيا ٿي سگهن
انهن مڙني مسئلن کي نظر ۾ رکندي ڪجهه زرعي سدارن لاءِ حڪمت عملين جي صلاح رکجي ٿي جنهن تي مختلف وقتن تي ماهرن انهي ضرورت کي اجاگر ڪري چڪا آهن ۽ سڏريلن ملڪن ۾ عمل درآمد پڻ ڪيترن ئي سالن کان ٿي چڪو آهي
هاري ڪارڊ: ملڪ جي آبادگارن جي گهڻي آبادي ننڊن ابادگارن تي مشتمل آهي جيڪا پنهنجي زمين تي مختلف وقتن تي ايندڙ خرچن جهڙوڪ ٻج ڀاڻ ۽ کيڙي لاءِ پريشان رهندي آهي ۽ ٽائيم تي بندوبست نه ڪري سگهڻ جي صورت ۾ هو آبادي نه ڪري سگهندا آهن يا متوقع پيداوار به نا ڪري سگهندا آهن. انهي لاءِ گورنميٽ کي گهرجي ته روينيو کاتي ۽ زريعي ترقياتي بيئنڪن جي مدد سان هاري ڪارڊن کي راشن ڪارڊ يا وطن ڪارڊ جيان فعال بڻائي ته جئين وقت ضرورت ننڊن آبادگارن کي ڪنهن به قسم جي دير ۽ پريشاني کان بچي سگهي.
هاري گروپ:هر ڳوٺ تي ٻڌل ننڊن آبادگارن کي ملائي انهن جو هاري گروپ ٺاهجي ته جيئن انهن ۾ ٻڌي ءِ ايڪو ٿئي پنهنجي زرعي مسئلن، مونجهارن کي هڪ ٻئي سان شيئر ڪري انهن جو حل گولهين ۽ مختلف قسمن جون ڪاميٽيون ٺاهي پنهجني مسئلن جهڙوڪ ٻج پاڻي ڀاڻ. بيمارين جي لاءِ لاگاپيل ادارن سان له وچڙ ۾ اچن ۽ انهن جو حل به ڪڍن.
هاري اسڪول:ڪجهه هاري گوٺن تي مشتمل هاري اسڪول هجي جنهن ۾ اتان جا ننڊا ابادگار شرڪت ڪن جنهن جي نصاب جديد زراعت جي سبئي مضمون هجڻ سان گڌوگڌ موسمي ڪئلينڊر . اناج واري فصلن کان علاوا ڪيش فصلن، ڀاڄيون، ميوا، تيلي ٻج ۽ دوائڻ وارن فصلن جي مڪمل پوکي جي ڄاڻ کان علاوا پيش ايندڙ سمورن مسئلن جهڙوڪ بيمارين ، جيتن جي حياتياتي . طبعي توري ڪيميائي طريقن جي جاڻ هجي جنهن کي هلائڻ گورينميت جي طرفان يونين سطح تي ذرعي ماهر کي تعينات ڪري ننڍن آبادگارن جي پيشورانه ماهرتن کي وڌائي سگهجي ٿو.
هاري ايسوسيشن: هر يونين سطح تي مختلف هاري گروپن جي شموليت سان هاري اسوسيشن ٺاهي گورنيميٽ وٽ رجسٽر ڪرايون وجن انهي سان گڏوگڏ پنجهني يونين جي زرعي پاليسي مرتب ڪرڻ لاءِ انهن جي فني صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڄي . ۽ گورنميت سطح تي اهڙن هاري ايسوسيشن کي جديد زرعي مشينري ب ڏني وجي جيڪي هڪ بهتر پلاننگ تحت پنهنجي هاري گروپن جي ميمبرن ۾ بهتر منصوبه بندي سان هلائي سگهجي ٿي. انهي سان گڏوگڏ هي مختلف زرعي سيمينار ۽ ورڪشاپ به ترتيب ڏيئي جنهن ۾ آبادگار جي ڃاڻ جي سامان هجي
تربيتون: مختلف هاري گروپن جي زراعت ۾ مٽي جي چڪاس، گهريلو باغيچو پوکڻ، ميون ۽ ڀاڄين کي محفوظ ڪرڻ . فصلن جي جيتن جي سڃاڻپ ۽ علاج، ڪڪڙيون پالڻ
جانورن جي پالنا
ميووا پوکڻ جو تربيتون هئڻ گهرجن
رابطه ڪاري: ڳوٺجي ماڻهن ، گروپن ۽ هاري ايسوسيشن جو مختلف ادارن سان رابطو ڪرايو وجي جهڙوڪ زرعي توسيعي کاتو،. تحقيقي ادارا، قرض ڏيندڙ ادارا
بهتر زرعي سهولتن جي فراهمي.(ٻج، ڀاڻ، دوا ۽ قرض ، مارڪيٽنگ)
جاگرتا مهم؛ هن ۾ مختلف قسمن جي ٿيندڙ زرعي سيمينار،ورڪشاپ،ميگزين ۽ ريڊيو پروموز، نيوزبليٽن، کي وڌيڪ فعال بڻائي، عام هاري آبادگار جي پهچ تائين هجڻ کپي تنهن ۾ زراعت سان سلهاڙيل سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادار کي گڏجي بهترلائح عمل سان ڪم ڪري بهتر زرعي معاشري کي جنم ڏيئي سگهي ٿو
هاري ڪارڊ ۽ هاري اسڪول کان سواءِ لاڙ هيومينٽيرين اينڊ ڊويلپمينٽ پروگرام پڻ بدين ضلعي جي 45 ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ جي تحفظ جي منصوبي تحت هلائي رهي آهي .