شڪارپور

ٽوڙي بند ٽٽڻ جا ذميوار خورشيد شاهه ۽ آبپاشي کاتو آهن: عابد سندراڻي

Toari Bandغوثپور: دڙي شهر جي رهواسي ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي ھڪ سنڌي اخبار جي ٽيم سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽوڙي بند ٽٽڻ جو ذميوار وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ايريگيشن کاتو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو توڙي انگريز سرڪار لکت ۾ ڏئي ويا آهن جڏهن به ڪا مها ٻوڏ اچي ته ليفٽ سائيڊ کان عيلواهڻ وٽان درياهه کي ڪٽ هنيو وڃي ڇو ته درياهه جي پاڻيءَ جو سدائين زور ساڄي پاسي هوندو آهي هن چيو ته اتي موجود ماڻهن ٻڌايو آهي ته ٽوڙي بند ٽٽڻ کانپوءِ درياهه جي سيڪنڊ لائين تي ڌماڪو ٿيو ۽ پاڻي شهرن ڳوٺن ۽ آباد زمين ۾ داخل ٿيو. هن چيو ته دڙي شهر مڪمل ختم ٿي ويو. اسان جي سرڪار کان وڌيڪ سماجي تنظيمن مدد ڪئي آهي ڳوٺ جي سروي ڪرائي آهي. کنڊ ٻڌڻ شاخن واهن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ سي ايم سان ملاقات ڪئي هئي جنهن يقين ڏياريو هو ته کنڊ سميت دڙي شهر جي رهواسين کي گهر ٺهرائي ڏنا ويندا جنهن تي اڃا تائين عمل ناهي ٿيو. تازو جيڪو بند ڏنو ويو آهي ان لاءِ مٽي پراڻن بند تان کڻي اڃا وڌيڪ بند ڪمزور ڪيا ويا آهن هن ٻڌايو ته ٻوڏ ۾ هن جا 5 ڪروڙن جو وڏو فش فارم 10 کان 20 لکن جا ننڍا فش فارم 3 هزار ايڪڙ آباد زمين تباهه ٿي وئي آهي. ڳوٺ زمينون واري جا دڙا ٿي ويون آهن. زمينن جا دنگ ختم ٿي ويا آهن. اڳتي هلي دنگن تان نوان جهيڙا ٿيندا. ٻئي طرف ڪرمپور جي چڱي مڙس اقبال بجاراڻي ميڊيا ٽيم سان ڳالهائيندي چيو ته بيگاري يارنهن هنڌن تان ٽٽل آهي انڙ واهه جا ڪپر ختم لڳا پيا آهن. 150 کان مٿي مڇي جا فارم ختم ٿي ويا آهن. جيڪي فارم جديد طريقي سان ٺهيل هئا. اربين روپين جي مڇي ختم ٿي آهي 10 هزار ايڪڙ سارين جا فصل واريون 4 ديهون ختم ٿي ويون آهن. روينيو ۽ ڊزاسٽرمئجنمينٽ وارا آفيسن ۾ ويهي انگ اکرن جوڙي پيش ڀيا ڪن جن تي اسان کي اعتماد ناهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button