خيرپور

ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف عدالت احمدپور پوليس کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي

sindh policeخيرپور(ڊر) ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف عدالت احمدپور پوليس کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم خبرموجب سيشن جج خيرپور جي عدالت احمدپور جي رهواسي غلام اڪبر سومرو جي درخواست تي ايس ايڇ او احمد پور مشتاق شاهه ۽ چوڪي پيربادل اقبال پٺاڻ کي حڪم ڏنو ته پندرنهن ڏينهن کان کنڀيل ٽي ڳوٺاڻن غلام رسول، ظهيرالدين ۽ حبيب الله کي 24 ڪلاڪن ۾ آزاد ڪرڻ جو چيو، ياد رهي ته احمدپور جي رهواسي غلام اڪبر سومرو سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ درخواست ڏني هئي ته ايس ايڇ او احمدپور ۽ پيربادل چوڪي انچارج پندرنهن ڏينهن اڳ منهنجي ٻن پٽن غلام الرسول، ظهيرالدين ۽ ڀائٽي حبيب الله کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي عدالت اربع ڏينهن پوليس کي گهرائي گرفتار ڪري گم ڪيلن کي آزاد ڪرڻ جو چيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button