ٽنڊوالهيار ۾ اي پي ايم ايس او جو يوم تاسيس ملھايو ويو
ٽنڊوالهيار: اي پي ايم ايس او جي 33 تاسيس جي ڏياڙي جي موقعي تي ٽنڊوالهيار۾ جشن جو سمان ، شهر بهر ۾ متحدھ قومي موومنٽ جي رنگ برنگي جهنڊن ۽ قائد تحريڪ الطاف حسين جون خوبصورت تصويرن جي بهار، ٽنڊوالهيار شهر ۽ ٻهراڙين جون گليون ۾ ايم ڪيو ايم جي ترانن جي پڙلاءَ سان وڄڻ لڳيون. تفصيلات جي مطابق اي پي ايم ايس او جي ٽهٽيوين تاسيس جي ڏياڙي جي موقعي تي عوامي حلقن ۾ بهر پور جوش ۽ خروش جو مظاهروڏٺو وڃي پيو. شهر جي مختلف جڳهائين تي ٽهٽيوين تاسيس جي ڏياڙي جي حوالي سان وال چاڪنگ ۽ بينرلگائڻ جو سلسلو بهرپور جوش ۽ جذبي سان گڏ جاري آهي. جڏهن ته مختلف يونٽن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي قائد تحريڪ الطاف حسين جي خوبصورت پينافليکس تصاويرون به شهر جا خاص شاهراُهن ۽ مصروف مقامات تي نصب ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ان موقعي تي شهر جي مختلف مقامات تي مختلف يونٽن جي طرفان استقباليه ڪيمپون به لڳايون ويون جتان 11جون تي اي پي ايم ايس او جي ٽهٽيوين تاسيس جي ڏياڙي تي قائد تحريڪ الطاف حسين جي ٽيليفونڪ خطاب جي باري ۾ عوام کي ڄاڻي ڏني پئي وڃي قائد تحريڪ الطاف حسين جي خطاب جي لاءِ الرحيم گارڊن ميرواه ناڪي جي مقام تي وسيع پنڊال کي سنگارڻ ۽ انتظامات کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پنڊال ڪميٽي جي ارڪان مصروف عمل آهن. جڏهن ته عوامي رابطه مهم جي سلسي ۾ مختلف يونٽن ۾ ميٽنگز جو سلسلو به جاري آهي. جنهن ۾ زونل انچارج سيد محمد علي شاھ ۽ اراڪين زونل ڪميٽي به شرڪت ڪري اي پي ايم او جي قيام جي بدولت اٺهانوي سيڪڙو عوام کي ملڻ واري ثمرات تي روشني وجي وڃي پئي.