اسلام آباد

ٻيلن جي تحفظ، پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ماحولياتي آلودگي جي منفي اثرن جي روڪٿام جي لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري

forestاسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٻيلن جي تحفظ، پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ماحولياتي آلودگي جي منفي اثرن جي روڪٿام جي لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪيترن ئي پروگرامن تي عمل پيرا آهي. هن اها ڳالهه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، جيڪو اڄ آچر ڏينهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات جي پروگرام کي سال 2011ع "ٻيلن جي فطرت توهان جي خدمت” جو موضوع اختيار ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي موضوع زندگي جو معيار، ٻيلن جي ضرورت ۽ ٻيلن جي نظام جي عالمي فطري لاڳاپن جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جو مقصد عالمي برادري کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش آهي ته جيئن انهن کي زمين ۽ پاڻي جي وسيلن جي بدترين خطري ۽ انساني زندگي سميت سموري زندهه مخلوق جي زندگين کي درپيش خطرن کان آگاهي ملي سگهي. موسمن جي تبديلي، اسان جي معيشت ۽ بقاءَ لاءِ وڏو خطرو آهي ۽ اهو صنعتي ملڪن ۾ ڪاربان جي وڏي مقدار ۾ خارج ٿيڻ سبب آهي. بنا ڪنهن شڪ جي ٻيلا اسان جي سموري ماحوليات مسئلن جو ممڪن حل پيش ڪن ٿا. ڪاربان کي جذب ڪرڻ جو ٻيلن وارو عمل دنيا لاءِ ساهه کڻڻ برابر آهي ۽ ٻيلا موسمن جي تبديلي، زمين جي تحفظ ۽ پاڻي ۽ جهنگلي جيوت جي وسيلن جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر چيو ته ٻيلن جي اثاثن جي خاتمي جي ڪري دنيا پاڻي جي وسيلن جي سوڪهڙي، مڇين جي زخيرن جي خاتمي سان متاثر ٿي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button