ٺٽو

ٺٽي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي ٻوڏ جو امڪاني خطرو

flood1ٺٽو: ٺٽي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي ٻوڏ جو امڪاني خطرو چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج مٺل خان عباسي سپرينٽينڊٽ ڪلر بگاڙ سرڪل عبدالقادر عباسي سان گذريل ٻوڏ ۾ تباه ٿيندڙ پنياري شاخ ۽ ايم ايس حفاظتي بند تي هلندڙ تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ٺٽي پهچي ويو. هن آبپاشي کاتي لوئر پنياري ۽ اپر پنياري جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي 20 جون تائين هر حالت ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. ان ڏس ۾ اين اين آءِ پاران اڳواٽ ئي ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي چڪي آهي ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر اپر پنياري سرڪل جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر سهيل بلوچ پاران ايم ايس حفاظتي بند جو ٺيڪو پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن کي ڳري ڪميشن جي ڪري ڏنو جن ۾ هڪ ٺيڪيدار نور الدين شيخ مڪمل طور تي نابين آهي اهو ڏسي به نه ٿو سگهي پر ان جي باوجود حساس نوعيت جي ايم حفاظتي بند جي مرمت جو ڪم ان جي حوالي به ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اين اين آءِ کي هي ڄاڻ ملي آهي ته آبپاشي کاتي ڪچي ۾ رهندڙ هزارين ماڻهن کي نوٽس جاري ڪري گهر خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪچي ۾ موجود سڀني هارين کي پنهنجي فصلن کي بچائڻ لاءِ تعمير ٿيندڙ هٿ رادو حفاظتي بندن کي ٽوڙڻ جو مشورو ڏنو آهي ناڪامي جي صورت ۾ آبپاشي کاتي جا اهلڪار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان اهڙن سڀني حفاظتي بندن جو خاتمو ڪندا. واضع رهي ته ٺٽي ۾ ايم ايس حفاظتي بند ۽ پيناري شاخ کي پوندڙ گهارن کي بند ڪرڻ جي ڪم تي مقامي رهواسين سخت اعتراض ڪيا آهن. انهن چيو ته ناقص ۽ غير معياري تعميراتي ڪم سبب هڪ دفعو ٻيهر سجاول سب ڊويزن جي متاثر هئڻ جو خطرو وڌي ويو آهي پر آبپاشي کاتي جي اهلڪارن مرمتي ڪم ڳري ڪميشن ڏيندڙ ٺيڪيدارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان وڏي پيماني تي هڪ دفعو ٻيهر تباهي اچي سگهي ٿي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button