ڪراچي

هيل ٻوڏ آئي ته وڏي تباهي ايندي،نئين بجيٽ اميرن جي ڀلائي لاءِ آهي: پير پاڳارو

Peer Pagaraڪراچي (م ڊ) حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته منهنجي جيئري ڪوبه پاڳارو نٿو ٿي سگهي، آءُ پاڳارو موجود آهيان، نه وري ڪو پاڻ مرادو اعلان ڪري پاڳارو ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ جماعت جو هڪ طريقو موجود هوندو آهي.پاڳاري جي چونڊ لاءِ خليفا فيصلو ڪندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪنگري هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائنيدي ڪيو.پير پاڳاري چيو ته مونکي چئن پٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد آهي، مونکي خبر ناهي ته پاڳاري ۽ جماعت خلاف ڪير غلط افواهون پکيڙي رهيو آهي.انهن اڦواهن تي توجهه نه ڏيڻ گهرجي، ڇو ته پاڳارو آءُ موجودآهيان. مان مري وڃان يا وري ڪو مون کي ماري زوري پاڳارو ٿئي ته اها ٻي ڳالهه آهي.هن چيو ته مون ۽ منهنجي ساهرن وچ ۾ڪي به اختلاف نه آهن،انهن سان منهنجا سٺا لاڳاپا آهن ۽ انهن جي لاءِ منهنجي گهر جا دروازا هر وقت کليل آهن.پير پاڳاري کان اولاد بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي پهرين گهر واري مان ٻه نياڻيون ۽ 3 پٽ آهن، جنهن ۾ پير صبغت الله شاهه را شدي، (عرف راجا سائين)،پير علي گوهر شاهه راشدي ۽ پير سيد صدر الدين شاهه راشدي (عرف يونس سائين ) شامل آهن، جڏهن ته موجوده گهر واري مان ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ پير حزب الله شاهه راشدي آهي.جيڪي ٽوٽل اٺ ٻار آهن ۽ موجوده گهرواري مان ٽي ٻار ننڍا هجڻ ڪري هن سان گڏ رهن ٿا. جڏهن ته باقي جيڪي وڏا ٻار آهن اهي پنهنجي پنهنجي اولاد سان گڏ رهن ٿا.هن چيو ته مون کي چئن پٽن کانپوءِ به پنجون پٽ به ٿيو ته اهو به پاڳاري جو اميدوار ضرور هوندو. وفاقي بجيٽ بابت پڇيل متعلق پير صاحب چيو ته بجيٽ ٻڌڻ ۾ ته سٺي ٿي اچي پر ان ۾ وقت سان گڏ گڏ تبديلي ڪئي ويندي.هن چيو ته بجيٽ مان امير وڌيڪ خوشحال ٿي ويندا ۽ وچولو طبقو مڪمل تباهه ٿي ويندو ۽ سنڌ جي بجيٽ به اهڙي ئي هوندي.امڪاني زرعي ٽيڪس جي مخالفت ڪندي چيو ته ان سان زميندارن کي نقصان ٿيندو، بندن جي مرمت بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ پير پاڳاري چيو ته هن حڪومت کي سيلاب کان اڳ اها تجويز ڏني هئي ته سڀ کان پهرين ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو وڃي ته گهڻي ٻوڏ سبب درياهه جي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ڪٽ ڏنو وڃي پر کيس حڪومت طرفان سندس پڇيل سوال جو ڪوبه جواب نه ڏنو ويو. بندن جي مرمت بهتر نه ٿي سگهي آهي، الله نه ڪري جيڪڏهن هن سال به وڏي ٻوڏ آئي ته وڏو نقصان ٿيندو.هن چيو ته بم ڌماڪا اهي ڪري رهيا هئا جيڪي ڪمزور ملڪ کي اڃا به وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button