هنر مند ۽ سکيا حاصل ڪندڙ نوجوانن کي پرڏيهي ملڪن ۾ پڻ روزگار سانگي موڪليو ويندو: وڏو وزير
خيرپور : سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت پاران ملڪ جي اقتصادي صورتحال خراب هوندي عوام جي معاشي بهتري لاءِ موثر قدم کڻي بيروزگارن کي روزگار ڏنو ويو آهي جڏهن تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻي عوام جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت پارٽي منشور تي عمل ڪندي عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وڏي وزير اهڙو اظهار خيرپور ۾ انجمن تاجران پاران سندس مان ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته شهيد محترمه جي دور ۾ عوام کي وڌ ۾ وڌ روزگار ڏنو ويو جڏهن ته موجوده حڪومت ۾ به پڻ عوام کي روزگار ڏيڻ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون آهن. هن چيو ته موجوده جمهوري دور ۾ 90 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏئي روزگار لائق بڻايو ويو آهي جڏهن ته کين سکيا دوران پڻ هزارين روپيا معاوضو پڻ ڏنو ويو. وڏي وزير چيو ته هنر مند ۽ سکيا حاصل ڪندڙ نوجوانن کي پرڏيهي ملڪن ۾ پڻ روزگار سانگي موڪليو ويندو. جڏهن ته پرڏيهي ملڪن ۾ ملائيشيا سميت ٻين ملڪن ۾ روزگار جا موقعا آهن جتي صوبي مان ذهين ۽ هنرمند نوجوانن کي چونڊيو ويندو. وزير اعلى سيد قائم علي شاهه چيو ته زراعت جو شعبو وڏي اهميت جو حامل آهي سڄو ملڪ زراعت تي انحصار ڪريٿو ۽ موجوده حڪومت زراعت جي شعبي ۾ پڻ تاريخي ڪم ڪيو آهي ان سلسلي ۾ هارين کي مفت سرڪاري زمين ڏئي سندن زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر پڻ ڏنا ويا آهن هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ اناج جي کوٽ هئي ۽ ڪڻڪ ٻاهريان گهرائي ويندي هئي جڏهن ته هن سال ساڍا چار لک ٽن ڪڻڪ وڌيڪ لٿي آهي جنهن کي ٻاهرين ملڪ موڪلي ٻاهريون ناڻو ڪمايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ملڪ پوئين حڪومت جي غلط پاليسن جي ڪري دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي جڏهن ته هاڻي امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي. وڏي وزير چيو ته صوبي اندر صحت جي بهتري لاءِ موجوده حڪومت پڻ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي ان سلسلي ۾ صوبي اندر هيپاٽائيٽس لاءِ هن سال اڍائي ارب روپيه وڌيڪ رکيا ويا آهن جڏهن ته صحت جي بنيادي مرڪزن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. هن چيو ته 1400 وڌيڪ ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويندا ۽ ڊاڪٽرن جون پگهارون پڻ وڌايون ويون آهن. هن چيوته صحت سان گڏو گڏ تعليم جي شعبي ۾ پڻ بهتري آندي پئي وڃي اسڪولن جي مرمتي ڪم لاءِ هر هڪ ضلعي کي سالانه 10 ڪروڙ روپيه ڏنا پيا وڃن جڏهن هن سال 6.5 بلين روپيه صرف تعليم لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. وڏي وزير خيرپور جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته خيرپور شهر اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن جنهن ۾ 60 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان سول اسپتال قائم ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ عوام جي خواهشن موجب صحت جو هر شعبو قائم ڪيو ويندو. هن چيوته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج کي پڻ موجوده حڪومت جي ڪوششن سان پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) سان الحاق مليو آهي جنهن سان علائقي واسين لاءِ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ واسطي هٿي ملندي. وڏي وزير چيو ته خيرپور ۾ قائم مهراڻ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج کي اپ گريڊ ڪري انجنيئرنگ يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويندو جڏهن خيرپور اندر جلد ڪيڊٽ ڪاليج، ڪمپيوٽر ڪاليج، گرلز ڪاليج ۽ کجور منڊي قائم ٿيندي جڏهن ته 90 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان شهر اندر پيئڻ جي صاف پاڻي جي اسڪيم، ڊرينيج ۽ صفائي سُٿرائي تي نساسڪ پاران ڪم هلي رهيو آهي جڏهن شهر اندر شهيد بينظير ڀٽو پارڪ، بلاول ڀٽو پارڪ، جيم خانه، بس ٽرمينل، سرڪيولر روڊ ۽ ٻين مختلف ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جاري آهي. وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن سان خيرپور اندر انجنيئرنگ ڪاليج، پئٽروليم انسٽيٽيوٽ، آءِ بي ڪميونٽي ڪاليج ۽ ٻيا ادار پڻ قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته تقريب ۾ انجمن تاجران جي صدر قطب الدين شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان کان اڳ وڏي وزير ڳاڙهي پُل ويجهو ضلعي حڪومت پاران 4 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان واٽر سپلاءِ اسڪيم جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير پاران چار ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ا فتتاح ٿيندڙ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان خيرپور شهر جي ٽن يونين ڪائونسلز جنهن ۾ يو سي جيلاني، يو سي شاهه لطيف ۽ يوسي ڀرڳڙي شامل آهن تن جي رهواسين کي لڳايل 12 ٽيوب ويلن ذريعي پيئڻ جي صاف پاڻي جو روزانو 12 لک گيلن مهيا ٿيندو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان آر پي او سکر سيد ذوالفقار علي شاهه، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊي پي او خيرپور عرفان بلوچ ۽ ٻيا سرڪاري عملدار توڙي پارٽي عهديدار ساڻس گڏ هئا.