ڪراچي

نواز ليگ سياسي نه پر هڪ جهادي تنظيم بڻجي وئي آهي:شرجيل ميمڻ

sharjeel memonڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي جي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نواز ليگ سياسي جماعت نه رهي آهي، اها هڪ جهادي تنظيم بڻجي رهي آهي، هن چيو ته نواز ليگ کي خبردار ٿو ڪريان ته اها پنهنجي بڪواس ختم ڪري. نوازشريف ۽ شهباز شريف طالبان ۽ القائده جا نوان ڪمانڊر بڻجڻ وڃي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ بيان ڏيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مولوي ۽ ملان نوازشريف ۽ شهباز شريف جي سپريم ڪمانڊر راڻا ثناءُ الله الزام هنيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جيل مان ڊيل تحت آزاد ٿيو هو، هن چيو ته افسوس آهي ته هن جي يادداشت ڪمزور آهي. ان شخص تي الزام هڻي رهيو آهي، جنهن تي نواز ليگ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ۽ هن بي گناهه هوندي ڪيترائي سال جيل ڪاٽيو. حڪومتي مشينري ۽ ناڻو استعمال ڪيو ويو پر هڪ به ڪيس ثابت نه ڪري سگهيا. هن اسامه کان رقم وٺي آءِ جي آءِ ٺاهي پ پ جي حڪومت کي ختم ڪرايو. هن چيو ته نوازليگ سياسي نه پر جهادي تنظيم بڻجي وئي آهي ۽ اسان ان سان ان ڪري ٺاهه ڪيو ته جيئن متان هو سڌري وڃي، پر جهادين سان شريف ڀائرن جا لاڳاپا آهن ۽ هاڻي ٻئي ڀائر القاعده ۽ طالبان جا ڪمانڊر بڻجڻ وڃي رهيا آهن، هن چيو ته صدر خلاف بيان ڏئي اسان جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي وئي آهي. نواز ليگ کي تنبيهه ٿو ڪريان ته هو پنهنجو بڪواس بند ڪري.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button