آرٽيڪل

نقصان

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
Pakistan terroristsدھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ دنيا جي ڪنھن بھ ملڪ کان وڌيڪ پاڪستان قربانيون ڏنيون آھن، پاڪستان جا شھري ۽ ٻھراڙي علائقا دھشتگردن، عسڪريت پسندن ۽ انتھاپسندن جي خلاف جاري مھم جي ڪري يڪسان طور تي متاثر ٿيا آھن. 53 ھزار کان وڌيڪ پاڪستانين ان جنگ ۾ پنھنجون جانيون قربان ڪيون آھن ۽ ھزارين زخمي ۽ معذور ٿيا آھن، پاڪستاني معيشت کي دھشتگردي جي خاتمي لاءِ واڌو بوج کڻڻو پيو آھي، ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدار ھتي سيڙپ جي لاءِ تيار نھ آھن، توانائي جي بحران ۽ امن امان جي صورتحال جي ڪري صنعتي عمل بھ بري ريت متاثر ٿيو آھي، پرپوءِ خيبر پختونخواھھ ۽ قبائلي علائقن دھشتگردي جي خلاف جنگ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان سَٺا آھن. جاني نقصان کان علاوھ مالي نقصان بھ بي پناھھ ٿيو آھي، بيشمار ڪارخانا، گھر ۽ ڪاروبار تباھھ ٿيا، انفراسٽرڪچر، پلن، رستن، بجلي ۽ گئس جي تنصيبات کي نقصان پھتو، صرف قبائلي علائقن ۾ ٿيل نقصان جو جائزو ورتو وڃي تھ خبر پوي ٿي تھ فاٽا ۾ دھشتگردن جي ڪري ڪافي گھر ۽ جائيداد تباھھ ۽ برباد ٿي آھي. عسڪريت پسندن جي خلاف آپريشن اڃا جاري آھي، سوات ۽ مالاڪنڊ ڊويزن وانگر نقصانن جو جائزو بھ ورتو پيو وڃي، پاڪستان گذريل سال عالمي بئنڪ سان فاٽا ۽ خيبر پختونخواھھ ۾ ٿيل نقصانن جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ ھڪ معاھدي تي صحيحون ڪيون ھيون، نقصانن جي جائزي جو عمل اڃا جاري آھي، ان جي لاءِ في الحال ٿيل نقصانن جو حتمي اندازو نھ ٿو لڳائي سگھجي، اھا ڳالھھ حقيقت آھي تھ مھمند ۽ باجوڙ ايجنسين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪاميابي سان ڪافي علائقن کي دھشتگردن مان پاڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ اھي علائقا انتھاپسندن جي ڪنٽرول مان واپس ورتا ويا آھن، باجوڙ ۽ مھمند ايجنسيون جيتوڻيڪ مالاڪنڊ ايجنسي جي تمام ويجھو آھن. ان لاءِ ھتي ڪجھھ حد تائين نقصانن جو اندازو لڳايو ويو آھي، باجوڙ ۽ مھمند ايجنسي ۾ 5 ھزار 8 سئو 12 گھر مڪمل طور تي تباھھ ٿيا، جڏھن تھ 4 ھزار 4 سئو 85 گھر جزوي طور تي تباھھ ٿيا. فاٽا ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي طرفان نقصانن جو ڪاٿو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ رپورٽ پيش ڪئي ويندي، جڏھن تھ تباھھ ٿيل ڪارخانن، ڪاروبار ۽ دڪانن جي نقصانن جو اندازو اڃا ناھي لڳايو ويو، مھمند ۽ باجوڙ ايجنسين ۾ دھشتگردن جي ڪري ٿيل ڪارواين ۾ تباھھ ٿيل 5 ھزار 8 سئو 12 گھرن جي مالڪن کي 4 لک رپيا في گھر ادا ڪيا پيا وڃن، جڏھن تھ جزوي طور تي تباھھ ٿيل گھرن جي مالڪن کي ھڪ لک .6 ھزار رپيا وفاقي حڪومت جي طرفان ادا ڪيا پيا وڃن، اھي ادائيگيون ڊسمبر 11.2ع تائين مڪمل ٿي وينديون، ان عمل ۾ شفافيت برقرار رکڻ ۽ بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ غلطين مان پاڪ نظام ھلايو پيو وڃي، پھرين مرحلي ۾ متاثرن کي رقم جي فراھمي شروع ڪئي وئي آھي. مھمند ۽ باجوڙ ايجنسين ۾ جڏھن نقصانن جي ڪاٿي جو اندازو لڳايو ويندو، تھ پوءِ سمورن متاثرين کي نقد رقم جي فراھمي ممڪن ٿي سگھندي. پرپوءِ ان جي لاءِ امن امان جي مڪمل بحالي ضرروي آھي. ان کان پوءِ خيبر پختونخواھھ ۾ بھ اھو ئي سلسلو شروع ڪيو ويندو ۽ متاثرن کي بحالي لاءِ مدد جو عمل شروع ڪيو ويندو.
پاڪستان معاشي مشڪلات جو شڪار آھي، عوام کي تعليم ۽ صحت جي سھولتن جي فراھمي ۽ جان مال جو تحفظ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آھي، مشڪل صورتحال جي باوجود حڪومت دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متاثر ٿيندڙ شھرين جي داد رسي جي لاءِ لڳاتار قدم کڻي رھي آھي، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آھي، جتي حڪومت سان خانگي شعبو بھ ڪنھن قدرتي آفت جي وقت متاثرين سان گڏ بيھي رھي ٿو. 5..2ع جي زلزلي ۾ پوري ملڪ مان ماڻھن زلزلي سٽيلن جي مدد ڪئي ھئي، ملڪ جي سمورن شھرن مان امدادي شين سان ڀريل قافلن جا قافلا زلزلي سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي مدد لاءِ وڃي رھيا ھئا، جنھن جي ڪري حڪومت کي تمام گھڻي مدد ملي ۽ مختصر عرصي ۾ ان بحران تي ضابطو آندو ويو، حڪومت 5..2ع جي زلزلي ۾ بھ متاثرين کي گھرن جي اڏاوت لاءِ ڪيش رقم فراھم ڪئي ھئي. پرپوءِ بين الاقوامي برادري جي طرفان ڏنل فراخدلاڻا امداد جي استعمال ۾ شفافيت نھ ھئي ۽ شڪ شبھن جو اظھار ڪيو پئي ويو. گذريل سال جي تباھھ ڪندڙ برسات ۽ ٻوڏ ۾ حڪومت جنگي بنيادن تي ڪم ڪيو ھو، مختصر عرصي ۾ ان تمام وڏي قدرتي آفت جي نقصانن تي ضابطو آندو ويو ھو، ھڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بي گھر ٿيل ماڻھن کي سندن گھرن ڏانھن واپسي جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو ھو ۽ ان کان پھريان مالاڪنڊ ۽ سوات ۾ ٿيل فوجي آپريشن جنھن جي نتيجي ۾ ان علائقي کي دھشتگردن جي ڄار مان ڪڍيو ويو ھو حڪومت مختصر عرصي ۾ لڏ پلاڻ ڪري آيل عام شھرين کي سندن گھرن ۾ واپسي جو عمل مڪمل ڪري ورتو ھو. ان وقت متاثرن کي نقد امداد جي فراھمي جو عمل شفاف طريقي سان ڪرڻ جي ڪري ڪوبھ منفي رد عمل سامھون نھ آيو ھو. اڄ ٻيھر ان عمل جي ضرورت آھي تھ قبائلي علائقن ۾ عسڪريت پسندن جي خاتمي کان پوءِ متاثرن جي بحالي جو عمل ماضي جي تجربن کي سامھون رکندي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي ۽ متاثرين کي پنھنجي عمومي زندگي ۾ واپسي کي ممڪن بڻايو وڃي..

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button