ڪراچي

نان ٽيڪنيڪل مينجمنٽ اسٽاف سبب ڪي اي ايس سي جو ڊسٽري بيوشن وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي: تاج حيدر

taj haider 608ڪراچي (جواد شاھ): پاڪستان پيپلزپارٽيءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر پاران ڪي اي ايس سي جي ڊسٽري بيوشن سسٽم تي سخت تشويش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نان ٽيڪنيڪل مينجمنٽ ۽ آئوٽ سورس ذريعي ورتل غير هنرمند اسٽاف سبب ڪي اي ايس سي جو ڊسٽري بيوشن وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي. هن چيو ته مون سون سيزن اچي رهيو آهي پر ڪي اي ايس سي انتظاميه سمر سيزن ۽ مون سون سيزن جي پيشگي تياري نه ڪئي نجڪاري کان اڳ ڪي اي ايس سي انتظاميه سياري جي موسم ۾ سڄي ڊسٽري بيوشن سسٽم جي مينٽيننس ۽ اوور هالنگ ڪندي هئي ته جئين مون سون سيزن ۽ سخت گرمين جي موسم جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ عوام کي بجلي جي مسلسل فراهمي ممڪن ٿي سگهي. واضح رهي ته وقت تي مينٽيننس ۽ تارن جي تبديلي وغيره نه ٿيڻ سبب ڪي اي ايس سي جو ڊسٽري بيوشن سسٽم پراڻو ۽ آئوٽ ديٽيڊ آهي. گذريل ٽن سالن ۾ ڊسٽري بيوشن سسٽم جي مينٽيننس نه ڪئي وئي آهي. انهيءِ لاءِ مون سون سيزن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب موت ٿيندي رهيون آهن. هن خدشو ظاهر ڪيو ته وقت تي مينٽيننس نه ٿيڻ سبب ايندڙ مون سون سيزن ۾ مري ويندڙن جو انگ وڌڻ جو خطرو آهي. هن چيو ته ڪي اي ايس سي انتظاميه کي گهرجي ته هو فوري طور تي پنهنجي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن سسٽم کي بهتر بڻائي ته جئين ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ موت کانءِ بچي سگهجي.
هن ڪي اي ايس سي انتظاميه سان مطالبو ڪيو ته سرپلس پول ۾ موڪليا ويندڙ سينئر ۽ تجربه ڪار ملازمن کي واپس پنهنجي ڊيوٽي تي ورتو وڃي. هن چيو ته هي افسوس جي ڳالھ آهي ته معزورن ۽ بيواهن کي پڻ سرپلس پول ۾ رکيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button