ناني جون نصيحتون
ليکڪ مقصوديٰ سولنگي
منھنجي ناني امان ڪثر اڱڻ ۾ ٺھيل مٽي ءَ جي ٿلھي تي وھندي ھئي، ان ٿلھي جي بنا وٽ کٽ جيتري ھوندي ھئي ۽ ان جي مٿن واري پاسي وڻ جي ڪاٺيءَ جو اھڙو تار لڳل ھوندو ھيو، جنھن مان ٽي چار ٻيون شاخون يا ٽاريون نڪرنديون ھيون امان واريون ان کي نھرو سڏينديون ھيون ان نھري تي اڪثر ٿانون ملي ديڳڙين جي تري تي چيڪي مٽيءَ جو ليپ ڪري اتي رکنديون ھيون ، لسي جا ٿانون بھ اتي ئي ملي رکنديون ھيون ناني امان ان ٿلھي ءَ تي ويھي نماز پڙھندي ھئي ۽ پوءِ لسي بھ اتي ئي ولوڙيندي ھئي مينھون ڏ ھي وڏي چنئوري ءَ ۾ اتي رکنديون ھيون اڪثرقرآن شريف جو دور بھ ناني امان اتي ڪندي ھئي منھنجي ناني امان کي مون جڏھن بھ ديو تھ يا مال جو ڪم ڪندي ڏٺو ياعبادت ڪندي يا وري قصص الانباءَ يا شاھ جو رسالو يا وري ڪو مذھبي ڪتاب پڙھندي ڏٺو ناني امان اسان کي پاڪستان جي ٺھڻ کان اڳ جا قصا ھندن ۽ مسلمانن جي ڀائپي ءَ ۽ ڪاڄن جا قصا بھ ٻڌائيندي ھئي ملائڪن، جنت، دوزخ، نيڪي، بدي، جنگين، انبيائن، امامن سڳورن عليھ سلام ۽ يزيدي لشڪر، اھل بيت ، ڪربلا ۽ معصومن جا قصا ٻڌائيندي ھئي اڪثر ناني امان کي مون روئيندي ڏٺو ناني امان ڏاڍي حساس ھوندي ھئي چوندي ھئي تھ جيڪا شيءِ توھان جي نالي تي اچي ٿي اھا الله سائين جي موڪليل آھي، خاص ڪري ڪپڙو تھ ڏڪندو ايندو آھي تھ الائي مان مالڪ کي پسند اچا الائي نھ، اسان کي ڪير موٽائي تھ ڪيڏو ڏک ٿيندو! مون کي ياد آھي ڪو ڪپڙو ناني امان جي لاءِ ايندو ۽ کين پسند نھ ايندو تھ روئي برو حال ڪندي ھئي پر موٽائيندي نھ ھئي پوءِ اڪثر جڏھن بھ اھووڳو پائيندي تھ روئيندي ناني امان جو وصال سال 2000 جي محرم مھيني جي 10 تاريخ تي ٿيو اڄ بھ سندن ڪھاڻيون لفظ ب لفظ ياد آھن، ناني امان اسان کي سٺو انسان ٿيڻ ۾اھم ڪردار اسا ڪيو اسين ڪڏھن بھ کين وساري نھ سگھندا سين ( جاري آھي (