ناليواري صحافي سليم شهزاد جي قتل جي تحقيقات مختلف رخن جي حوالي سان جاري آهي، ان جي رپورٽ اچڻ سان ڪيترائي ابهام ختم ٿي ويندا: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ناليواري صحافي سليم شهزاد جي قتل جي تحقيقات مختلف رخن جي حوالي سان جاري آهي، ان جي رپورٽ اچڻ سان ڪيترائي ابهام ختم ٿي ويندا، حڪومت صحافي برادري جي سڀني مطالبن جو جائزو وٺي مشاورت کانپوءِ واضح لائحه عمل اختيار ڪندي، جنهن ذريعي صحافي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اربع ڏينهن صحافين طرفان هنيل ڌرڻي جي حوالي سان پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ ڪو به ملڪ اهڙو نه آهي، جنهن کي دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان کان وڌيڪ چئلينجز آڏو هجي. پاڪستان واحد ملڪ آهي، جيڪو دهشتگردي جهڙي وڏي مسئلي جي ور چڙهيل آهي، دهشتگردي جي هن جنگ ۾ پاڪستان 36 هزار سويلين ۽ فوجي جوانن جي قرباني ڏني آهي. عام شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ صحافي به دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته جمهوريت جي بحالي ۽ آمريت جي خاتمي ۾ صحافي برادري جون وڏيون قربانيون آهن. سليم شهزاد جي قتل جي حوالي سان حڪومت فيڊرل شريعت ڪورٽ جي جج جي نگراني ۾ آزاد ڪميشن جوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد جي نگراني ۾ هڪ ٽيم جوڙي آهي، جيڪا ان واقعي جي تحقيقات ڪري رهي آهي.
اي پي پي