مڪلي تي مقامي بيروزگار نوجوانن جو احتجاجي مظاهرو، ڊي سي او آفيس اڳيان ڌرڻو
ٺٽو سجاد علي ميمڻ
ٺٽي ضلعي ۾ سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ مقامي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ بجاءِ غير مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ واري عمل خلاف مڪلي تي مقامي بيروزگار نوجوانن جو احتجاجي مظاهرو، ڊي سي او آفيس اڳيان ڌرڻو. ٺٽي جي بيروزگار نوجوانن پاران پبلڪ پارڪ کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ شامل نوجوانن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي نعريبازي ڪندي ڊي سي او آفيس اڳيان پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي ڪندڙ ممتاز علي شيخ، غلام حيدر سرڪي ٻين چيو ته ضلعي ٺٽي جا نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪرين لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، پر ان جي باوجود ضلعي جي چونڊيل نمائندن پاران ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو، جڏهن ته نا انصافي جي حد اها آهي ته هتي ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري تنظيمن ۽ مختلف کاتن ۾ ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، جيڪا مقامي نوجوانن سان وڏي زيادتي آهي ، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن غيرمقامي ماڻهن کي سرڪاري کاتن ۽ اين جي اوز مان برطرف نه ڪيو ويو ته ٺٽي جا بيروزگار نوجوان ڊي سي او آفيس اڳيان احتجاج طور تي باهه ڏيئي پاڻ ساڙيندا جنهن جي ذميواري ضلعي جي چونڊيل نمائندن ۽ ۽ ضلعي انتظاميا تي تي عائد ٿيندي.