مٽلا شاخ کي اوچتو 35 فوٽ گهارو، ڪيترائي ايڪڙ پوکيل فصل ۽ ٻه ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ)ٻيلو لڳ مٽلا شاخ کي اوچتو 35 فوٽ گهارو، ڪيترائي ايڪڙ پوکيل فصل ۽ ٻه ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ،آبپاشي کاتي ۽ مقامي ڳوٺاڻن ٽن ڪلاڪن اندر گهارو بند ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، ٻيلو شهر کان 8 ڪلوميٽر پري مٽلا شاخ کي اوچتو 35 فوٽن تائين گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ايڪڙن تي پوکيل قيمتي فصل ڪپهه، ڪمند، سبزي ،ٻيو فصل ۽ ڳوٺ لعل محمد درس ۽ ميربحر ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، اطلاع ملندي آبپاشي کاتي جو عملو ۽ مقامي ڳوٺاڻا گهاري واري هنڌ پهچي ٽن ڪلاڪن جي جدوجهد بعد گهاري تي ضابطو آڻي وڌيڪ ڳوٺن ۽ زمينن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ان ڏس ۾ متاثر ڳوٺاڻن انور درس ، محمد حسن درس ۽ ٻين ٻڌايو ته گهاري واري هنڌ گذريل سال آيل ٻوڏ دوران پڻ گهارو پيو هو ۽ آبپاشي کاتي وارن کي ٻيهر گهاري پوڻ جي خدشي کان آگاهه پڻ ڪيو ويو پر ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو جنهن سبب هي نقصان ٿيو آهي ۽ ان جو ذميوار آبپاشي عملو آهي، هوڏانهن آبپاشي کاتي جي عملدارن جي موجب گهارو وڏو نه هو پاڻي جي واڌ ٿيڻ ڪري گهارو پيو جنهن کي بند ڪيو ويو آهي.