اسلام آباد

مولانا عبدالغفور حيدري سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر چونڊجي ويو، نواز ليگ ۽ جماعت اسلامي جو شديد احتجاج، هنگامو

maulana abdul ghafoor haideriاسلام آباد (م ڊ) سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي چونڊن ۾ جي يو آءِ (ف) جو مولانا عبدالغفور حيدري 19 ووٽ کڻي اپوزيشن ليڊر چونڊجي ويو آهي. جڏهن ته نواز ليگ جي اسحاق ڊار کي 15 ووٽ مليا. ڪالهه سينيٽ جو اجلاس چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ جي يو آءِ جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري کي 19 ووٽ مليا، کيس جي يو آءِ (ف) جي 12 سينيٽرن، فاٽا جي 5 سينيٽرن عبدالرشيد، اويس، حاجي خان، انجنيئر رشيد ۽ عباس خان آفريدي ۽ بلوچستان جي 2 آزاد سينيٽرن عبدالقادر مگسي ۽ ولي محمد ووٽ ڏنا. جڏهن ته نواز ليگ جي اسحاق ڊار کي نواز ليگ جي 7، جماعت اسلامي جي 3، نيشنل پارٽي جي 2 ۽ خيبرپختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي هڪ سينيٽر ووٽ ڏنو. کيس 15 ووٽ مليا، مولانا عبدالغفور حيدري جي اپوزيشن ليڊر چونڊجڻ کان پوءِ سينيٽ ۾ نواز ليگ جي ميمبرن شديد گوڙ ڪيو. ميمبرن سينيٽ فراڊ اليڪشن، سرڪاري چمچا نونو، گوگوگو، شيم شيم، جعلي نوٽيفڪيشن واپس وٺو جا نعرا هنيا. جنهن سبب اجلاس هل هنگامي جي ور چڙهي ويو ۽ اپوزيشن ليڊر جي تقرير ڪير به ٻڌي نه سگهيو. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تي اپوزيشن جي سينيٽرن اٿي بيهي شديد احتجاج ڪيو، ان موقعي تي سينيٽر عبدالغفور حيدري چيو ته هو اپوزيشن پارٽين کي آئينو ڏيکاريندو. جنهن تي اسحاق ڊار چيو ته آئينو اسان نه پر توهان کي ڏسڻ جي ضرورت آهي. توهان کي شرم ڪرڻ گهرجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button