موجوده جمهوري دور ۾ معذورن جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون پيون وڃن: ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه
خيرپور: پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو آهي ته موجوده جمهوري دور ۾ معذورن جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته صوبي توڙي ضلعي حڪومتن ۽ خاص طور تي خيرپور ضلعي اندر مختلف شعبن ۾ ڀرتي ۾ معذورن جي ٻه سيڪڙو ڪوٽا کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن اهڙو اظهار ڊي سي او آفيس ۾ معذور تنظيمن جي مختلف اڳواڻن رياض منگي، جاويد رئيس ۽ ٻين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته خيرپور ضلعو صوبي جو واحد ضلعو آهي جتي معذورن کي شهيد بينظيرڀٽو روزگار اسڪيم تحت کين لکين روپيا قرض ڏئي معذورن کي روزگار سان لڳايو ويو آهي. جڏهن ته کين هزارن جي تعداد ۾ ويل چيئرز ڏئي سندن زندگي ۾ بهتري آندي آهي. ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته خيرپور اندر کين معذور تنظيمن کي سندن لاءِ آفيس، تعليم پرائيندڙ معذورن کي اسڪالرشپس ۽ سندن ٻه سيڪڙو ڪوٽا ۽ قابليت مطابق مختلف شعبن ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون. هن سندن مطالبا مڃيندي وڌيڪ چيو ته کين ٽرائيسائيڪلون، موٽرسائيڪلون ۽ مختلف شعبن ۾ تربيت ڏياري ويندي. بعد ۾ ايم اين اي سيده نفيسه شاهه، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، وڏي وزير جو پرسنل سيڪريٽري مظهر علي، اي ڊ او روينيو راجه شاهزمان کهڙو، اي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ محمد فيصل کوکر، پيپلز پارٽي اڳواڻ محمد صالح انصاري، غلام حسين مغل، مشتاق جماڻي ۽ ٻين معذورن کي جوس پياري احتجاج ختم ڪرايو.