خيرپور

موجوده جمهوري حڪومت صوبي توڙي ملڪ ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهي آهي: قائم علي شاھ

CM Inauguration1
خيرپور: قائم علي شاھ صاف پاڻي جي اسڪيم جو افتتاح ڪندي

خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته تعليم ۽ صحت کاتي کي وڌيڪ بهتر بڻائي عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏنيون ويون آهن. وڏي وزير اهڙو اظهار جمعي ڏينهن ڳاڙهي پُل ويجهو ضلعي حڪومت پاران چار ڪروڙ روپين جي لاڳت سان پيئڻ جي صاف پاڻي جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جو افتتاح ڪندي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته موجوده جمهوري حڪومت صوبي توڙي ملڪ ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهي آهي جڏهن سرڪاري شعبن خاص طور تي صحت ۽ تعليم ۾ بهتري آندي پئي وڃي ته جيئن عوام وڌ ۾ وڌ بهتر سهولتون حاصل ڪري سگهي. جڏهن ته وڏي وزير پاران چار ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ا فتتاح ٿيندڙ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان خيرپور شهر جي ٽن يونين ڪائونسلز جنهن ۾ يو سي جيلاني، يو سي شاهه لطيف ۽ يوسي ڀرڳڙي شامل آهن تن جي رهواسين کي لڳايل 12 ٽيوب ويلن ذريعي پيئڻ جي صاف پاڻي جو روزانو 12 لک گيلن مهيا ٿيندو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، پوليس عملدار، پبلڪ هيلٿ جا انجنيئر ۽ پارٽي ورڪر پڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button