لاھور

ملڪ ۾ سڀ کان وڏا دهشتگرد ڪالاباغ ڊيم مخالف آهن:نواز ليگ ميمبر راڻا افضل

Punjab Assemblyلاهور: بجيٽ تي بحث لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته اپوزيشن ليڊر راجا رياض احمد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته جناب اسپيڪر اسان قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي ان بيان جي شديد لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون جنهن ۾ هن بابر اعواڻ کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏني آهي، هن چيو ته بابر اعواڻ سميت ڪنهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يا ڪارڪن کي پنجاب ۾ نقصان پهتو ته ان جي ايف آءِ آر قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ۽ وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف خلاف داخل ڪرائي ويندي، هن چيو ته راڻا ثناءُ الله شيطاني ذهن رکندڙ ماڻهو آهي، هو صوبي ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، هن جا واسطا پابندي پيل مذهبي تنظيمن ۽ دهشتگردن سان آهن، شهيد گورنر پنجاب سلمان تاثير جي قتل جا پيرا به راڻا ثناءُ الله ڏانهن وڃي رهيا آهن، هي دهشتگردن جو سربراهه ۽ قبضا مافيا جو اڳواڻ آهي، جيترا هي شريفن جي حق ۾ نعرا هڻي رهيو آهي ان کان پهريان هي مشرف ۽ ٻين اڳواڻن جي حق ۾ نعرا هڻندو هو ۽ شريف ڀائرن کي گاريون ڏيندو هو. اسپيڪر ڪاميٽي ٺاهي بيان جي تحقيقات ڪرائي، ٻي صورت ۾ اسان ايوان کي هلڻ نه ڏينداسين، راجا رياض جي تقرير تي ايوان ۾ حڪومتي ڌر جي ميمبرن هنگامو ڪري ڏنو ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن ۽ اڳواڻن جي خلاف سخت نعريبازي ڪرڻ شروع ڪئي ته پيپلز پارٽي جي ميمبرن به نواز ليگ خلاف نعرا هڻڻ لڳا، ”بي بي هم شرمندا هين ضياءُ کي باقيات ابهي زنده هي“ جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا ته نواز ليگ وارن به صدر زرداري خلاف نعريبازي ڪرڻ شروع ڪئي، ان دوران قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته بابر اعواڻ بينظير ڀٽو شهيد جي قتل ۾ ملوث آهي. ان جي خلاف بيان وڪيلن جي راءِ مطابق ڏنو آهي، آئون سينيٽ چيئرمين سان وضاحت ڪندس. راڻا ثناءُ الله جي اهڙي جملن تي پيپلز پارٽي جي ميمبرن اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪري اسيمبلي کان ٻاهر نڪري آيا بعد ۾ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي راڻا اقبال جي چيمبر ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ميمبرن جي وچ ۾ ميٽنگ ٿي جنهن ۾ اپوزيشن طرفان اپوزيشن ليڊر راجا رياض، ڊپٽي پارلياماني اڳواڻ شوڪت بسريٰ، پيپلز پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ ذوالفقار گوندل ۽ حسن مرتضيٰ شرڪت ڪئي، جڏهن ته نواز ليگ طرفان وزير اعليٰ پنجاب جي خاص صلاحڪار ذوالفقار کوسي، قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله، زراعت واري وزير ملڪ احمد علي ۽ خوراڪ واري وزير چوڌري عبدالغفور شرڪت ڪئي، ميٽنگ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته راڻا ثناءُ الله پنهنجي بيان جي اسيمبلي ۾ وضاحت ڪندو ۽ آئينده ڪو به ميمبر ڪنهن به پارٽي جي اڳواڻ جي خلاف نه ڳالهائيندو ۽ ايوان جو وقار ۽ ماحول برقرار رکيو ويندو، ميٽنگ کانپوءِ راڻا ثناءُ الله اسيمبلي ۾ اچي بيان ڏنو ته منهنجي بيان جو مقصد ڪنهن کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏيڻ نه هو نه ئي ڪنهن پارٽي جي اڳواڻ کي قتل ڪرائڻ جو ارادو رکان ٿو، مون بيان وڪلا جي قانون جي حوالي سان ڏنو هو جنهن ۾ چيو هو ته وڪلا برادري سمجهي ٿي ته بار يا ججن جي نالي تي پئسا وٺندڙ واجب القتل آهي. هن چيو ته ان لاءِ مان وضاحت ڪيان ٿو ته مون صرف وڪلا جي باري ۾ اظهار خيال ڪيو هو، راڻا ثناءُ الله جي بيان تي پيپلز پارٽي جي ڊيسڪ تان آواز اچڻ لڳو ته معذرت ڪر راڻا معذرت ڪر تو غلط بيان ڏنو آهي، جنهن تي راڻا ثناءُ الله چيو ته آئون معذرت ڪو نه ڪندس وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي، مون بيان ڪنهنجي دل آزاري ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڏنو هو، ان ڪري مون وضاحت ڪئي آهي. ان تي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي راڻا اقبال چيو ته راڻا ثناءُ الله پنهنجي بيان جي وضاحت ڪئي آهي، اهو ڪافي آهي، وڌيڪ ان مسئلي کي نه ڇيڙيو وڃي، ان موقعي تي وزير اعليٰ جي خاص صلاحڪار ذوالفقار کوسي چيو ته مون تي اپوزيشن طرفان ڪيترائي ڀيرا زباني حملا ڪيا ويا پر مون انهن کي ڪڏهن به جواب ناهي ڏنو. نواز ليگ جي ميمبر راڻا محمد افضل چيو ته اسان کي پنهنجي تخت لاهور تي فخر آهي، تخت لاهور تاحيات قائم ۽ دائم رهندو، هن چيو ته نواز ليگ فوج تي نه پر آءِ ايس آءِ جي سياسي ونگ تي تنقيد ڪري رهي آهي، آءِ ايس آءِ ۾ سياسي ونگ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ فوج کي پنهنجي دائره اختيار ۾ رهڻ گهرجي. اسان پنهنجو احتساب ڪرائڻ چاهيون ٿا پر پيپلز پارٽي ايتري نااهل آهي جو اها اسان جو احتساب به نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر آهي پر اسان سمجهون ٿا ته ان کان وڏي دهشتگردي ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي کي روڪڻ آهي، هن چيو ته سڀ کان وڏا دهشتگرد ڪالاباغ ڊيم جا مخالف آهن جيڪي ڪالاباغ ڊيم نٿا ٺاهڻ ڏين. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٿيندڙ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان منصوبي کي مڪمل ڪري سگهجي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button