ملڪ ۾ بدعنواني جي بازار گرم آهي، حڪمرانن کي پنهنجا کيسا ڀرڻ جي ڳڻتي آهي:نواز شريف
پتيڪا: مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ بدعنواني جي بازار گرم آهي. اسلام آباد ۾ روزانو ٻوليون لڳن ٿيون، ڪشميرين لاءِ ملندڙ رقم حڪومت پاڪستان ۾ استعمال ڪري رهي آهي. آزاد ڪشمير جي شهر پتيڪا ۾ چونڊن جي حوالي سان ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي نواز ليگ جي سربراهه چيو ته وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي اڄ آزاد ڪشمير جي ترقي ياد اچي رهي آهي. ترقي جي نالي تي جيڪي ڳالهيون ڪيون وڃن پيون، اهو آزاد ڪشمير جو حق آهي، جيڪڏهن ڪشميرين جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو ته ان خطي جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين. نواز شريف چيو ته وفاقي حڪومت بوکلائجي وئي آهي. اهڙي حڪمراني اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي. عوام بيروزگاري، غربت ۽ لوڊشيڊنگ مان بيزار ٿي چڪو آهي پر حڪمرانن کي عوام جو ڪو فڪر ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هر طرف هر معاملي ۾ ڪرپشن ئي ڪرپشن آهي. حڪمرانن کي رڳو پنهنجا کيسا ڀرڻ جي ڳڻتي آهي. 2005ع جي زلزلي سبب آزاد ڪشمير سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو هو. جنهن بعد عالمي برادري کان وڏي رقم ملي پر اها رقم وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ استعمال ڪري رهي آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ