ٺٽو
ملڪاڻي شريف ويجهو ناري مبينا طور اغوا، 7 جوابدارن تي ڪيس داخل، 2 گرفتار
ملڪاڻي شريف ( م ڊ) ملڪاڻي شريف لڳ ڳوٺ محمد شريف راجپوت ۾ 16 سالن جي نوجوان ناري آمنه ڌيءَ محمد اشرف راجپوت کي مبينا طور گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو، پنگريو ٿاڻي تي ناري جي پيءُ محمد اشرف راجپوت گناهه نمبر 70 تحت 7 جوابدارن مير حسن، الهه بچايو، مبارڪ، الهڏنو، عبدالله، جمعون ۽ خالق ڏنو ڀٽي خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار رات جو گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي ناري کي اغوا ڪري ويا، پوليس ٻن جوابدارن خالق ڏنو ۽ مبارڪ ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، علائقي ۾ اهي چوٻول آهن ته ناري مير حسن ڀٽي سان گهران نڪري فرار ٿي وئي آهي.