اسلام آباد
معذورن جي سار سنڀال لاءِ ذميواريون نڀائينداسين: صدر زرداري
اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري معذور ماڻهن جو خاص خيال رکڻ لاءِ مذهبي ۽ انساني فرض قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي اقتدار ۽ آئين جي روشني ۾ معذو ر ماڻهن جي حوالي سان ذميواريون پوريون ڪنداسين، ڇا ڪاڻ ته انهن جي سال سنڀال لهڻ تمام ضروري آهي، اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري معذرو ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪنونشن جي توثيق وارن دستاويزن تي صحيحون ڪيون ،ان موقعي تي هن چيو ته عوامي حڪومت معذور ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻندي.